ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊگهي وقت کان جاري ساوند – سندراڻي تڪرار نبيري جي ويجهو آهي، ڌرين پاران ٺاهه لاءِ راضپو ظاهر ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ٻنهي برادرين جي چڱن مڙسن سان رابطا ڪرڻ کانپوءِ ڌرين پاران جنگبندي ۽ ٺاهه لاءِ راضپو ظاهر ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي شهيد اجمل ساوند جي ڀاءُ ڊاڪٽر طارق ساوند چيو آهي ته هو شهيد اجمل ساوند جو خون ڪڏهن به معاف نه ڪندا ۽ برادرين ۾ ڪارنهن تڪرار هو جيڪڏهن ٻئي ڌريون ٺاهه ڪري رهيون آهن ته سٺي ڳالهه آهي پر شهيد اجمل ساوند جي قاتلن کي هو بخش نه ڪندا ۽ پلاند ۾ ڪنهن جو رت نه وهايو ويندو.