ميانوالي ۾ ايئر فورس بيس تي حملو ناڪام، سمورا 9 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز پاڪ فضائيا جي ٽريننگ ايئر بيس تي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فضائيا جي ميانوالي ٽريننگ ايئر بيس تي دهشتگرد حملو ٿيو، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ۽ اثرائتي جواب سبب ناڪام بڻايو ويو، اهلڪارن ۽ اثاثن جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته غير معمولي جرئت ۽ وقتائتي ڪارروائي جو مظاهرو ڪندي 9 دهشتگردن کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب حملي دوران پي اي ايف جي فنڪشنل آپريشنل اثاثن مان ڪنهن کي ڪو نقصان نه پهتو پر اڳ کان گرائونڊ ڪيل ٽن آپريشنل جهازن ۽ هڪ فيول بائوزر کي ڪجهه نقصان پهتو.
پي اي ايف ٽريننگ ايئر بيس ميانوالي تي ڪومبنگ اينڊ ڪليئرنس آپريشن مڪمل ڪري سڀني 9 دهشتگردن کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت هر قيمت تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.