اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ فواد چوڌري کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو.
فواد چوڌري جي ڀاءُ فيصل چوڌري نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته ڀاءُ کي منهنجي اسلام آباد واري گهر مان ڪجهه وردي سان اهلڪارن سادي ڪپڙن وارن ماڻهن سان گڏجي اغوا ڪيو.
هن ٻڌايو ته منهنجي اصرار باوجود انهن ڪا گرفتاري وارنٽ يا حڪم نه ڏيکاريو، مون کي ڀاءُ جي سلامتي بابت خدشا آهن.
ان کان اڳ فواد چوڌري جي گهرواري حبا چوڌري دعويٰ ڪئي ته منهنجي مڙس کي اسلام آباد مان گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، اسان کي ڪا خبر ناهي ته گرفتاري ڇو ڪئي وئي.
You might also like