بيروت (ويب ڊيسڪ) لبناني تنظيم حزب الله جي سربراهه حسن نصر الله چيو آهي ته حزب الله طوفان الاقصيٰ آپريشن جي بئي ڏينهن کان اسرائيل جي خلاف جنگ ۾ شريڪ آهي، اسان جا حملا محدود پراثرائتاآهن، جيڪڏهن اسرائيل حزب الله تي جنگ مڙهڻ جي بيوقوفي ڪئي ته خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
بيرو ۾ غزا تي اسرائيلي حملي اسرائيلي حملي بعد پهريون ڀيرو عوامي ميڙاڪي کي خطاب ۾ حسن نصر الله جو چوڻ هو ته لبناني ۽ فلسطيني شهيدن جي گھرڀاتين کي شهادتن جو رتبو حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ۽ تعزيت پيش ڪريون ٿا، شهيدن جو رتبو انوکو رتبو هونود آهي، رڳومسلمان ئي ان رتبي کي سمجهي سگھي ٿو.
هن چيو ته طوفان الاقصيٰ جي جنگوڌندي مختلف محاذن ۽ ميدانن تائين پهچي وئي، اسرائيل خلاف جنگ انساني،اخلاقي ۽ ديني اعتبار سان جائز ۽ حقن جي جنگ آهي، صيهونين جي خلاف جاريجنگ جي اخلاقي ۽ شرعي حيثيت تي ٿورو به شڪ ناهي.

سندس چوڻ هو ته 7 آڪٽوبر جي واقعن تي روشني وجهڻ ۽ حزب الله جو موقف واضح ڪرڻ ضروري آهي، هزارين فلسطيني ڊگھي عرصي کان اسرائيلي جيلن ۾ قيد آهن، 20 فلسطيني 20 سالن کان اسرائيلي گهيري ۾ زندگي گھارڻ تي مجبور هئا.
حسن نصر الله جو چوڻ هو ته طوفان الاقصيٰ فلسطيني مزاحمتي گروپ القسام برگيڊ جو ڪامياب ڪارنامو آهي، حزب الله کي 7 آڪٽوبر آپريشن بابت ڪو به اڳواٽ اطلاع نه هو، 7 آڪٽوبر جي آپريشن گھڻي رازداري سان انجام ڏنو ويو، طوفان الاقصيٰ آپريشن فلسطينين جي جنگ آهي، ان جو علائقائي ملڪن سان ڪو به واسطو ناهي.