پني عاقل اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ خلاف شهري جو ڪفن پائي انوکو احتجاج

پنو عاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پني عاقل تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ خلاف شهري ڪفن پائي انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
پني عاقل ۾ شھري غلام مصطفي ڪلوڙ ڪفن پھري تعلقي اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته اسپتال غريب مريضن لاءِ بي لاڀ بڻيل آھي، ڊاڪٽر نجي اسپتالون هلائڻ ۾ مصروف آهن ۽ انهن جي جاءِ تي سيکڙاٽ عملو رکيو ويو آهي.
هن الزام هنيو ته ايم ايس رشوت وٺي ڊاڪٽرن کي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، ايمرجنسي ۾ آيل هر مريض کي علاج بدران سکر سميت مختلف شهرن ڏانهن ريفر ڪيو وڃي ٿو ۽ ايمبولينس جي تيل بهاني مريضن کان ڀاڙو ورتو وڃي ٿو.
سندس چوڻ هو ته سرڪاري تيل هڙپ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪروڙين رپيا بجيٽ هجڻ باوجود مريضن کي دوائون نه پيون ڏنيون وڃن.
شهري مطالبو ڪيو ته نگران وڏو وزير ۽ صحت کاتو نوٽيس وٺي پني عاقل واسين کي سهولتون ڏين ۽ ڪرپٽ انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.