شاهد آفريدي جي ذڪا اشرف سان ملاقات، اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف سان اهم ملاقات ٿي آهي.
ذريعن موجب ملاقات ۾ شاهد آفريدي جي ذڪا اشرف سان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تازي ڪارڪردگي جي حوالي سان گفتو ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ذڪا اشرف، شاهد آفريدي کي بورڊ ۾ خدمتون انجام ڏيڻ جي آڇ ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ ڪنهن به عهدي تي ڪم ڪرڻ چاهيو ته اسان حاضر آهيون.
ذريعن موجب شاهد آفريدي فوري طور ڪنهن به قسم جو عهدو وٺڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.