وٽامن سي جسم لاءِ فائديمند هوندي آهي پر ضرورت کان وڌيڪ وٽامن سي اوهان کي نقصان به پهچائي سگھي ٿي.
هونئن ته وٽامن سي کائڻ جا گھڻا فائدا آهن، اها نه رڳو اوهان جي جسم جي اندروني عضون لاءِ فائديمند آهي پر کَل جي خوبصورتي ۾ به مک ڪردار ادا ڪندي آهي پر ڪنهن به شيءِ جي زيادتي اوهان کي فائدي بدران نقصان ئي پهچائيندي آهي.
وٽامن سي جا وڌ کان وڌ کهڙا نقصان ٿيندا آهن؟
وٽامن جي گھڻي استعمال سان اوهان جو جسم ٿڪ جو شڪارٿي ويندو آهي جڏهن ته مٿي ۽ جسم ۾ سور جو سبب به بڻبو آهي.
وٽامن سي آڪسيليٽ جي بڻجڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو جيڪو گردي جي پٿري جي خطري کي وڌيڪ وڌائي سگھي ٿو.
ان کانسواءِ اهو حيانءُ ڪچو ٿي، پيٽ جي سور ۽ پيٽ خراب ٿيڻ جو سبب به بڻجي سگھي ٿو جڏهن ته سيني ۾ جلن به انهيءَ جي هڪ علامت آهي.
You might also like