خراب موسم ۽ مٽجندڙ آب و هوا جتي اسان جي ماحول تي اثر انداز ٿيندي آهي اتي واري اسان جي چمڙي ۽ وارن کي به نقصان پهچندو آهي. اڳ ۾ جڏهن ماڻهن جي عمر وڌندي هئي ته انهن جا وار بي جان ٿي ڪرڻ لڳندا هئا ۽ اڇا ٿي ويندا هئا پر اڄڪلهه عمر جو ڪو به مسئلو ناهي رهيو ننڍا توڙا وڏا ان مسئلي جو شڪار بڻجي رهيا آهن.
انڪري اڄ اسان اوهان لاءِ هڪ اهڙو نسخو آندو آهي جيڪو توهان جي ڇڊن وارن کي گهاٽو، اڇن وارن کي ڪارو جڏهن ته ڪمزور وارن کي مضبوط ڪري سگهي ٿو جنهن جي ذريعي نه رڳو توهان جا پارلر وڃڻ جا خرچ گهٽبا پر توهان جي وارن جي صحت به تمام سٺي بڻجندي.
تخ ملنگا سان وارن جو علاج ڪري انهن کي خوبصورت، گهاٽو ۽ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو.
هڪ چمچو تخ ملنگو ٻه ڪوپ پاڻي ۾ سڄي رات پسائي رکو.
صبح جو اٿڻ سان ان پاڻي ۽ تخ ملنگي کي بلينڊر ۾ وجهي صحيح نموني پيهي وٺو.
انکانپوءِ ان پاڻي جا ٻه چمچا چئن چمچن ڏهي جن ۾ ملايو ۽ انهن کي صحيح نموني گڏائي وٺو.
انکانپوءِ ان ۾ ٻه چمچا ليمي جي رس وجهي پيسٽ ٺاهي وٺو.
هاڻي اها پيسٽ پنهنجي وارن تي مليو، ۽ هڪ يا ٻه ڪلاڪن تائين مٿي ڪنهن کي سنهي هلڪي ڪپڙي سان ڍڪي رکو.
انکانپوءِ وارن کي سادي پاڻي ۽ ڪنهن سُٺي شيمپو سان صاف ڪيو ته جيئن توهان جا وار صحيح نموني صاف ٿي وڃن.
اهو عمل يا نسخو هفتي ۾ ٻه کان ٽي ڀيرا ورجايو توهان جي وارن جا سڀ مسئلا حل ٿي ويندا.