ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسمارٽ فون واهپيدارن لاءِ بيٽري جي کپت وڏو مسئلو هوندو آهي پر کين خبر ناهي هوندي ته ڪهڙي ايپ سندن بيٽري تيزي سان خالي ڪري ٿي.
وومينز ريسرچ اينڊ ايجوڪيشن انسٽيتيوٽ جي چيف تيڪنالاجي آفيسر ليون بيئرهلز چيو آهي ته انسٽاگرام واهپيدارن جي بيٽري لاءِ سڀ کان خراب ايپ آهي جڏهن ته فيس بڪ جهڙي ايپ ان مسئلي جو سبب بڻجندي آهي.
هن چيو ته فيس بڪ ايپ ڊليٽ ڪرڻ سان 20 سيڪڙو بيٽري بچي ويندي آهي جڏهن ته انسٽاگرام سان 25 سيڪڙو بيٽري بچندي آهي.
هن چيو ته اهي سوشل ميڊيا ايپس جيڪي پس منظر ۾ هلي رهيون هونديون آهن اهي به بيٽري خرچ ڪن ٿيون پر انسٽاگرام ايپ ڊليٽ ڪرڻ بيٽري چارجنگ جو حل آهي.