سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن.
ڊي جي ايس بي سي اي جي حڪمن تي آفيسرن جي پوسٽنگ جو عمل شروع ٿي ويو، 19هين گريڊ جي عامر ڪمال جعفري کي ريجنل ڊائريڪٽر سکر جي چارج ڏني وئي، کيس ريجنل ڊائريڪٽر لاڙڪاڻي جي واڌو چارج به ڏني وئي.
اهڙي ريت 18هين گريڊ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر سميع جملاڻي ڪياماڙي ۽ ڊائريڪٽر ڪورنگي جي واڌو چارج به ڏسندو، جڏهن ته 18هين گريڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر علي اسد کي ريجنل ڊائريڪٽر سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ذميوارين تان هٽائي ڊائريڪٽر ايسٽ مقرر ڪيو ويو.
پوسٽنگ جي منتظر 18هين گريڊ جي عامر خان کي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊسٽرڪٽ سينٽرل مقرر ڪيو ويو آهي، 17هين گريڊ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر احتشام خان کي پبلڪ سيل اينڊ ايڊورٽائزمينٽ کان ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته 17هين گريڊ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شيخ محمد شاهد کي ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي واڌو چارج ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.