لوڪل ڪوچز ۽ ڊمپرن وارا پرڏيهي ڪيئن شهرين کي چيڀاٽي رهيا آهن؟ ڏسو وائرل وڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ غيرقانوني پرڏيهي ٽرانسپورٽر به آهن ۽ ڊمپر به هلائيندا آهن، 18 سالن کان ننڍي عمر جي ڇوڪرن کي به ڊمپر ۽ لوڪل ڪوچز هلائيندي ڏٺو ويندو آهي ۽ ٽريفڪ اهلڪار سندن رڳو هڪ چالان ڪري روڊن تي هلڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيندا آهن جنهن بعد روز ڪراچي ۾ ڪيترائي حادثا پيش اچن ٿا.

ٻه ڏينهن اڳ پيش آيل هڪ واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل آهي جنهن ۾ ڪوچ ڊرائيور جي غفلت سڌي ريت ڏسي سگهجي ٿي ته هو ڪيئن موٽرسائيڪل کي پٺيان ٽڪر هڻي ٿو ۽ چيڀاٽڻ کان ذري گهٽ بچي وڃي ٿو.

وڊيو ۾ ڪوچ ڊرائيور فوري طور تي فرار ٿي وڃي ٿو ته مٿان شهري کيس ڪٽڪو ڏئي قانون حوالي ڪن.

اڪٿر واقعن ۾ ائين ئي ٿيندو آهي ته ڪوچ ڊرائيور فرار ٿي ويندو آهي ۽ شهري بس جا شيشا ٽوڙي باهه ڪڍندا آهن پر حادثي جو شڪار ڪير به هجن انهن جي زندگي هميشه داءَ تي لڳندي رهندي آهي.

وڊيو ڏسو.

You might also like