ڪراچي: بچت بازارن تي پابندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ ويسٽ جي ڊپٽي ڪمشنر جي هدايت تي بچت بازارن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي.
ڊپٽي ڪمشنر (ڊي سي) ويسٽ جي هدايت تي اي سي روينيو ايس ايس پي خط لکي ڇڏيو، جنهن ۾ هن چيو ته ڊسٽرڪٽ ويسٽ ۾ قائم سڀني بچت بازارن جا اجازت ناما رد ڪيا ويا آهن.
ڊي سي ويسٽ خط ۾ لکيو ته بچت بازارون آرگنائيزر ويريفڪيشن کانپوءِ اجازت ناما حاصل ڪري سگهنديون، گرين بيلٽ، مين روڊ، ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ بچت بازار لاڳائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.