لوڪل ڪوچز ۽ ڊمپرن وارا پرڏيهي ڪيئن شهرين کي چيڀاٽي رهيا آهن؟ ڏسو وائرل وڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ غيرقانوني پرڏيهي ٽرانسپورٽر به آهن ۽ ڊمپر به هلائيندا آهن، 18 سالن کان ننڍي عمر جي ڇوڪرن کي به ڊمپر ۽ لوڪل ڪوچز هلائيندي ڏٺو ويندو آهي ۽ ٽريفڪ اهلڪار سندن رڳو هڪ چالان ڪري روڊن تي هلڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيندا آهن جنهن بعد روز ڪراچي ۾ ڪيترائي حادثا پيش اچن ٿا.

ٻه ڏينهن اڳ پيش آيل هڪ واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل آهي جنهن ۾ ڪوچ ڊرائيور جي غفلت سڌي ريت ڏسي سگهجي ٿي ته هو ڪيئن موٽرسائيڪل کي پٺيان ٽڪر هڻي ٿو ۽ چيڀاٽڻ کان ذري گهٽ بچي وڃي ٿو.

وڊيو ۾ ڪوچ ڊرائيور فوري طور تي فرار ٿي وڃي ٿو ته مٿان شهري کيس ڪٽڪو ڏئي قانون حوالي ڪن.

اڪٿر واقعن ۾ ائين ئي ٿيندو آهي ته ڪوچ ڊرائيور فرار ٿي ويندو آهي ۽ شهري بس جا شيشا ٽوڙي باهه ڪڍندا آهن پر حادثي جو شڪار ڪير به هجن انهن جي زندگي هميشه داءَ تي لڳندي رهندي آهي.

وڊيو ڏسو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.