اسرائيل جمعي تائين جنگبندي نه ڪئي ته! حزب الله وڏي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

يمن (ويب ڊيسڪ) حزب الله ترجمان حسن نصر الله اسرائيل کي جمعي تائين جنگبندي جو الٽيميٽم ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن سيز فائر نه ٿيو ته جنگ ۾ سڌي ريت شامل ٿي وينداسين.
اسرائيل جي غزا تي جارحيت جي نتيجي ۾ وچ اوڀر ۾ وڏي جنگ جا ڪڪر ڇانئجي ويا، حزب الله اسرائيل کي جنگبندي لاءِ جمعي تائين الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو.
حزب الله جي ترجمان حسن نصر الله جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سيز فائر نه ٿيو ته جنگ ۾ سڌي ريت شامل ٿي وينداسين.
واضح رهي ته يمني فورس به اسرائيل تي ڊرون حملا ڪري رهي آهي، يمن اسرائيل خلاف جنگ جو اعلان ڪندي فلسطيني عوام سان ڀرپور يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.