ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم ڪهڙي شعبي ۾ سڀني کان اڳتي آهي؟ آءِ سي سي جا حيران ڪندڙ انگ اکر

ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي مجموعي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي ناهي پر هڪ شعبي ۾ قومي ٽيم سڀني کان اڳتي آهي.
پاڪستان ميگا ايونٽ ۾ هيل تائين کيڏيل 7 ميچن مان رڳو 3 ۾ ڪاميابي ماڻي آهي، جڏهن ته 4 ميچون هارائڻ کانپوءِ ان جو سيمي فائنل ۾ پهچڻ به ڏکيو آهي پر هڪ شعبو ڪيچنگ جو آهي، جنهن ۾ حيراني طور پاڪستان ٽيم سڀني کان اڳتي نظر اچي رهي آهي.
حيرت جي ڳالهه آهي ته فيلڊنگ جي شعبي ۾ مضبوط سمجهيون ويندڙ ٽيمون به پاڪستان کان پوئتي آهن ۽ ان شعبي ۾ ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پاڪستان ٽيم ڪيچ پڪڙڻ ۾ سڀني کان اڳتي آهي.
ميگا ايونٽ ۾ کيڏيل 31 ميچن جي ڪيل تجزئي موجب مخالف بيٽرن جا ڪيچ پڪڙڻ ۾ پاڪستان ٽيم سڀني کان اڳتي آهي، جنهن جي ڪيچ ڪاميابي سان پڪڙڻ جي شرح حيران ڪندڙ طور 86 سيڪڙو آهي، جڏهن ته نيڌرلينڊز جي ٽيم 85 سيڪڙو سان ٻئي نمبر تي آهي.
ان فهرست ۾ ڀارت ۽ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ جي 81-81 سيڪڙو سان ترتيب وار ٽين ۽ چوٿين پوزيشن آهي.
ان کانپوءِ ڏکڻ آفريقا، بنگلاديش، آسٽريليا، افغانستان، نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا ترتيب وار پنجين کان ڏهين نمبر تي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.