پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مسلسل چوٿين ڏينهن هاڪاري رجحان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي مسلسل چوٿين ڏينهن هاڪاري رجحان رهيو، چئن ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 1700 پوائنٽون وڌيو آهي.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ 100 انڊيڪس 314 پوائنٽون واڌ سان 52 هزار 656 تي بند ٿيو.
ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 466 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو، انڊيڪس جي اڄ بلند ترين سطح 52 هزار 706 رهي، انڊيڪس جي اڄ گهٽ ترين سطح 52 هزار 239 رهي.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ڏينهن ۾ 47 ڪروڙ 50 لک شيئرز جا سودا 14 ارب 57 ڪروڙ رپين ۾ طئي ٿيا.
ان کانسواءِ مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 30 ارب رپيا وڌي 7639 ارب رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.