بيورو ڪريٽن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ وڏي واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت مئنيجمينٽ پوزيشن (ايم پي) تي موجود بيورو ڪريٽن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ وڏي واڌ ڪري ڇڏي.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ايم پي 1، 2 ۽ 3 اسڪيل لاءِ پگهارن ۽ مراعتن ۾ 45 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، ايم پي اسڪيل لاءِ واڌ تي پهرين آڪٽوبر کان عمل ٿيندو.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ايم پي اسڪيل 1 لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 5 لک 54 هزار 600 ۽ وڌ کان وڌ 6 لک 99 هزار 250 رپيا هئي، جيڪا هاڻ گھٽ ۾ گهٽ 8 لک 4180 رپيا ۽ وڌ کان وڌ 11 لک 3 هزار 920 رپيا ڪئي وئي آهي.
پڌرائيءَ موجب ايم پي 1 اسڪيل لاءِ ٽرانسپورٽ مونٽائيزيشن 95 هزار 910 رپيا رهندي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ايم پي 2 لاءِ گهٽ کان گهٽ پگهار 2 لک 55 هزار 750 ۽ وڌ کان وڌ 4 لک 13 هزار 600 رپيا هئي، جيڪا گهٽ کان گهٽ 3 لک 70 هزار 850 ۽ وڌ کان وڌي 5 لک 99 هزار 740 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت ايم پي 3 اسڪيل لاءِ گهٽ کان گهٽ پگهار هڪ لک 65 هزار 855 ۽ وڌ کان وڌ پگهار ٻه لک 33 هزار 750 رپيا هئي، جيڪا هاڻ گهٽ کان گهٽ ٻه لک 40 هزار 460 ۽ وڌ کان وڌ 3 لک 38 هزار 960 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته اسڪيل 3 جو مونٽائيزيشن الائونس 65 هزار 60 رپيا هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.