گرمي پد ۾ اضافي جي رفتار وڌي وئي، ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

عالمي سطح تي گرم موسم جي شدت ۾ اضافو توقع کان وڌيڪ آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ هلندڙ ڏهاڪري دوان ئي گرمي پد صنعتي دور کان اڳ جي ڀيٽ ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ جي سطح کان مٿي هليو ويندو.
اها تنبيههه هڪ نئين تحقيق ۾ شامهون آئي.
ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته موسمياتي تبديلين سبب دنيا صنعتي دور کان اڳ جي ڀيٽ ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ گرم ٿيڻ واري آهي جڏهن ته 2050تائين گرمي پد ۾ اضافو 2 سينٽي گريڊ جي حد ٽپي سگھي ٿو.
واضح رهي ته 2015ع جي پيرس معاهدي طئي ڪيو ويو هو ته عالمي گرمي پد کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان ٽپڻ نه ڏنو ويندو.
هيل تائين صنعتي دور جي ڀيٽ ۾ گرمي پد ۾ 1.28ڊگري سينٽي گريڊ اضافو رڪارڊ ٿيو آهي.
سائنسدانن ٻڌايو ته ڪچي ٻارڻ کي ساڙڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ زمين وڌيڪ گرم ٿيڻ واري آهي.
تحقيق موجب اڃا اسان موسمياتي ايمرجنسي جي شروعاتي مرحلي مان گذري رهيا آهيون ۽ گرمي پد ۾ تيزي سان واڌ موسمياتي نظام لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿي، ان کي ريورس ڪرڻ ضروري آهي، نه ته سامونڊي سطح ۾ اضافو سامونڊي شهرن لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿيندو.
واضح رهي ته 2023ع دوران جون کان سيپٽمبر تائين لاڳيتو 4 مهينن کي انساني تاريخ جا گرم ترين مهينا قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.