اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ حڪومت جي فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي رد ڪندي انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڌرڻو نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، عدالت بچاءُ واري وزارت ۽ آءِ بي جون درخواستون واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏيون . چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ چيو ته اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته فيض آباد ڌرڻي جو ماسٽر مائينڊ ڪير هو، ڌرڻو اوچتو نه ٿيو، ڌرڻي کي مينيج ڪير ڪري رهيو هو ۽ ماسٽر مائينڊ ڪير هو؟ عدالتي فيصلي تي اڄ تائين عمل ڇو نه ڪيو ويو آهي، حڪومت سڌو سڌو چئي ڇڏي ته اسان ڪم ڪرڻ نه ٿا چاهيون . چيف جسٽس حڪومت جي فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي کي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر قرار ڏئي ڇڏيو آهي، اٽارني جنرل چيو ته 19 آڪٽوبر تي حڪومت فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي جوڙي، 26 آڪٽوبر تي ڪميٽي جو اجلاس ٿي چڪو آهي، ڪميٽي دفاع واري وزارت وٽ رپورٽ جمع ڪرائيندي، رپورٽ عدالت ۾ به پيش ڪئي ويندي . چيف جسٽس چيو ته ڪميٽي جي ٽي او آرز جي ذريعي ئي سڀني ماڻهن کي بري ڪيو ويو آهي، ڪميٽي جي رپورٽ ۾ ڪا به دلچسپي نه آهي، عدالتي فيصلي تي اڄ تائين عمل ڇو نه ڪيو ويو، هڪ صاحب ٻاهران امپورٽ ٿيو ۽ واپس هليو ويو، اربين روپين جو نقصان ٿيو پر سرڪار کي پرواهه نه آهي . جسٽس اطهر من الله چيو ته حڪومت انڪوائري ڪميشن ۾ اهڙن ماڻهن کي شامل ڪري جيڪي ان ڪم جا اهل هجن، چيف جسٽس چيو ته ڇا ڪيناڊا مان ماڻهو هتي اچي ڌرڻو هڻن ته ڪير نه پڇندو، ڇا پاڪستاني ڪيناڊا وڃي اهڙا ڌرڻا هڻي سگهن ٿا، پاڪستان ۾ ڪير به نه ٿو پڇي، چاهي جيڪو ڪجهه ڪيو ۽ دبئي هليا وڃو يا ڪنهن ٻئي ملڪ هليا وڃو. چيف جسٽس چيو عدالت اهو قرار ڏيندي ته حڪومت فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ ڪجهه نه ڪيو، اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته ماسٽر مائينڊ ڪير هو؟جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ماضي مان سکي حڪومت اهڙا قدم کڻي ته مستقبل ۾ اهڙا واقعا نه ٿين، جڏهن قانون هٿ ۾ کڻندڙن کي سزا ملندي ته ماڻهو سبق سکندا. جسٽس اطهر من الله چيو ته جيستائين ملڪ آئين موجب نه هلندو ماڻهن جون پريشانيون حل نه ٿينديون. پيمرا چيئرمين سليم بيگ به پيش ٿيو. وقفي کانپوءِ فيض آباد ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته چيئرمين پيمرا سليم بيگ عدالتي ڪمري ۾ پهتو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ابصار عالم ڪجهه ڪاغذ جمع ڪرايا، چيئرمين پيمرا جواب ڏنو ته مان رپورٽ پڙهي چڪو آهيان، ابصار عالم سان جيڪو ڪجهه ٿيو هن بيان ڏنو. جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان سان ائين ڪڏهن ناهي ٿيو؟ چيئرمين پيمرا جواب ڏنو ته مون سان اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيو. چيف جسٽس چيو ته اوهان جي ڊگهي عمر ٿئي، اوهان سچ ڳالهايو. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم، اڳوڻي آرمي چيف ۽ اڳوڻي چيف جسٽس کي ابصار عالم لکت ۾ آگاهه ڪيو هو ته ان معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، اڳوڻي وزيراعظم چوي ٿو ته مان مجبور آهيان، ان وقت وزيراعظم نواز شريف هو. شايد ان وقت وزيراعظم شاهد خاقان عباسي هو.
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته ضياءُ الحق کي صدر نٿو مڃان، اڳتي هن عدالت ۾ ٻيهر کيس صدر نه چئجو. سپريم ڪورٽ ۾ فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي دوران اعجاز الحق جي وڪيل چيو ته هن نظرثاني واپس وٺڻ جو نه چيو آهي، رڳو نالو فيصلي مان ڪاٽيو وڃي. ان تي چيف جسٽس چيو ته اعجاز الحق هڪ آرمي چيف ضياءُ الحق جو پٽ آهي. اعجاز الحق جي وڪيل چيو ته سندس اصيل جو پيءُ پاڪستان جو صدر هو، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ضياءُ الحق کي صدر نٿو مڃان، بندوق جي نوڪ تي ڪو صدر ناهي بڻجي ويندو، اڳتي هن عدالت ۾ ضياءَ کي ٻيهر صدر نه چئجو. وڪيل چيو آئين ۾ داخل آهي ته ضياءُ الحق صدر هو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ضياءُ الحق اڪيلو شخص آهي، جنهن جو نالو آئين ۾ لکيل آهي، وقت جي خبر ناهي هوندي پر ضياءَ لکرايو ته هو صدر آهي، هن جا 5 سال ته پورا نه ٿيا هئا ته ڇا آئين جي ڀڃڪڙي ٿي هئي؟ اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته 18هين ترميم ۾ ضياءُ الحق جو نالو آئين مان ڪڍيو ويو هو.