بلوچستان ۾ 70 هزار افغانين جا جعلي سڃاڻپ ڪارڊ رد

ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان جي سڌ سماءَ واري وزير جان محمد اچڪزئي چيو آهي ته بلوچستان مان 70 هزار پرڏيهي شهرين مبينا طور تي غير قانوني طور پاڪستاني شناختي ڪارڊ حاصل ڪيا آهن. نادرا طرفان اهي 70 هزار شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن هن چيو ته ڪريڪ ڊائون جي پهرين ڏينهن 100 پرڏيهين کي حراست ۾ ورتو ويو، جڏهن ته اڄ کان گهر گهر چيڪنگ شروع ڪئي وئي آهي.هن چيو ته ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ 1000 پرڏيهين کي سنڌ مان ٽرين ذريعي ڪوئيٽا آندو ويندو.هن چيو ته بلوچستان مان هن وقت تائين 35 هزار پرڏيهي رضاڪارانه طور تي واپس وڃي چڪا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.