دنيا غزه ۾ جنگ بندي لاءِ ڪردار ادا ڪري: نگران وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غزه ۾ اسرائيلي شهرين کي نشانو بڻائڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي. سوشل  ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته گذريل ڏينهن پناهگيرن جي جباليا ڪيمپ تي زبردست بمباري ڪئي وئي، اسرائيل جي بمباري ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت سوين شهري شهيد ٿي ويا. هن چيو ته هي هڪ ناقابل فراموش واقعو آهي، سڄي دنيا کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ دنيا کي جنگ بندي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

  • ڪيپٽن (ر) صفدر چڙڏياريندڙ تقرير ۽ بغاوت واري ڪيس مان آجو قرار

لاهور ( م ڊ ) گوجرانوالا جي عدالت مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي چڙ ڏياريندڙ  تقرير ۽ ملڪ دشمني واري ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو آهي. جڊيشل مئجسٽريٽ فيصل الاسلام بغاوت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيپٽن (ر) صفدر جي ضمانت جو فيصلو ٻڌايو. عدالت ڪيس جي ٻين جوابدارن اڳوڻي ليگي ايم پي اي عمران خالد بٽ کي به بري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف 3 آڪٽوبر 2020 تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ايف آءِ آر ۾ مٿس ڇڙڏياريندڙ تقرير ڪرڻ ۽ ملڪ دشمني ڪرڻ جو الزام هو.

  • آڪٽوبر ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 1.08 سيڪڙو واڌ، رپورٽ جاري

اسلام آباد ( م ڊ ) ملڪ ۾ گذريل مهيني آڪٽوبر ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 1.08 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ اها شرح 26.89 سيڪڙو رهي. شماريات کاتي موجب جولاءِ کان آڪٽوبر تائين مهانگائي جي شرح 28.48 سيڪڙو رهي، آڪٽوبر ۾ شهرن ۾ مهانگائي 1.07 سيڪڙو وڌي وئي، جڏهن ته هڪ مهيني دوران ڳوٺن ۾ مهانگائي ۾ 1.10 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. شماريات بيورو موجب، بصر 38.7 سيڪڙو ۽ ٻيون ڀاڄيون 17.7 سيڪڙو مهانگيون ٿيون، جڏهن ته ميوا 6.4 سيڪڙو مهانگا ٿيا. آڪٽوبر ۾ آنا 6 سيڪڙو ۽ پٽاٽا3.72 سيڪڙو وڌيا، بجليءَ جي قيمتن ۾ 8.2 سيڪڙو ۽ شادي هال جا کرايه هڪ مهيني ۾ 5.4 سيڪڙو وڌي ويا. شماريات بيورو موجب هڪ سال دوران مصالحا 84.5 سيڪڙو مهانگو ٿيا، جڏهن ته کنڊ 69.9 سيڪڙو، اٽو 63.3 سيڪڙو ۽ چانور 62.2 سيڪڙو مهانگا ٿيا. گذريل هڪ سال ۾ لوبيا 56.8 سيڪڙو ۽ چانهه جي پتي 54.9 سيڪڙو مهانگي ٿي. شماريات بيورو موجب گذريل هڪ سال دوران درسي ڪتاب 85 ​​سيڪڙو، گئس جي قيمتن ۾ 62.8 سيڪڙو ۽ بجلي جي قيمتن ۾ 50.6 سيڪڙو تائين واڌ ٿي آهي، جڏهن ته دوائون 36.6 سيڪڙو ۽ موٽر فيول 30.8 سيڪڙو مهانگو ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.