جيڪڏهن توهان کان ڪير سوال ڪري ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ قيمتي شيءِ ڪهڙي آهي؟ ته توهان گهڻا ماڻهو يڪدم هيري جو نالو کڻندا، ڇو ته هيرو واقعي ڌرتي تي ناياب ڌاتو آهي، ان جي ساخت توڙي خوبصورتي ٻئي ڪنهن ڌاتو ۾ نٿي ملي. پر جيڪڏهن انکي اسان ڪاسمڪ حوالي سان ڏسنداسين ته هيرو ڪائنات جي تقريبن هر ٻئي سياري تي موجود آهي جنهن جي ڪري اهو ڌرتي جي ته ناياب شيءِ ٿي سگهي ٿو پر اهو ڪائنات ۾ ڪهڙي به حوالي سان ناياب ناهي ۽ ان پيماني تي ڏسجي ته هيري جو ڪو به ملهه ناهي.پر هڪ اهڙي به شيءِ آهي جيڪا ڪاسمس ۾ تمام گهڻي ناياب سمجهي ويندي آهي.