رن ريٽ جي بهتري لاءِ پاڪستان کي نيوزيلينڊ کان ميچ ڪيترين رنسن تان کٽڻي پوندي؟

ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جو ايندڙ مقابلو ڇنڇر ڏينهن نيوزيلينڊ سان ٿيندو، جنهن ۾ پاڪستان جو کٽڻ ضروري آهي.
پوائنٽس ٽيبل موجب هن وقت ڏکڻ آفريقا، ڀارت ۽ آسٽريليا جون ٽيمون سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ بهترين پوزيشن ۾ نظر اچي رهيون آهن، جڏهن ته چوٿين ٽيم لاءِ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ مقابلو ٿي سگهي ٿو.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جون ورلڊ ڪپ ۾ اڃا 2-2 ميچون رهن ٿيون، پاڪستان جون 6 ۽ نيوزيلينڊ جون 8 پوائنٽون آهن.
پاڪستان پنهنجي ايندڙ ميچ ڇنڇر تي نيوزيلينڊ سان کيڏندو ۽ آخري ميچ انگلينڊ سان کيڏندو، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم پنهنجي آخري ميچ سريلنڪا سان کيڏندي.
سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ پاڪستان کي پنهنجون رهيل ٻئي ميچون کٽڻيون پونديون، جيڪڏهن نيوزيلينڊ جي ٽيم ٻئي ميچون هارائي ٿي ته پاڪستان جو رستو صاف ٿي ويندو پر ڪيويز جي هڪ ڪاميابي جي صورت ۾ انهن جون به 10 پوائنٽون ٿي وينديون، پوءِ فيصلو رن ريٽ تي ٿيندو.
رن ريٽ کي ڏسجي ته ڇنڇر ڏينهن بينگلور ۾ پاڪستان جو نيوزيلينڊ خلاف سٺي مارجن تان کٽڻ ضروري آهي، 84 رنسن تان فتح گرين شرٽس کي ڪيويز کان مٿي آڻي ڇڏيندي.
پر بينگلور ۾ ڇنڇر ڏينهن برسات جي به اڳڪٿي آهي ۽ جيڪڏهن ميچ نه ٿي ته ٻنهي ٽيمن کي هڪ – هڪ پوائنٽ ملندي، جڏهن ته رن ريٽ تي ڪو اثر نه پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.