آزاد فلسطين جنهن جي راڄڌاني القدس هجي ان تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون:اسماعيل هنيه

قطر (ويب ڊيسڪ) حماس جي پوليٽيڪل آفيس جي سربراهه اسماعيل هنيه چيو آهي ته ٻه رياستي حل جنهن ۾ القدس فلسطين جي راڄڌاني هجي ان تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون.

قطر ۾ موجود اسماعيل هنيه هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ٽياڪڙي ڪندڙن آڏو هڪ گڏيل منصوبو پيش ڪيو آهي جنهن ۾ اسرائيلي جارحيت روڪڻ، ڪراسنگ کولڻ ۽ قيدين جي ڏي وٺ جي معاهدن سميت رياستي رستو ڳولڻ شامل آهي.

اسماعيل هنيه جو چوڻ هو ته اسان هڪ آزاد فلسطيني رياست جنهن جي راڄڌاني القدس هجي ان تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون، فلسطينين جي آزادي تائين خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم نٿو ٿي سگھي.

هن چيو ته غزا ۾ قتل عام رڪجڻ گھرجي، اسان ٽياڪڙي ڪندڙن کان اسرائيل جي جاري جارحيت فوري طور تي روڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، نيتن ياهو رنڊڪ وجهي رهيو آهي ۽ پنهنجن ماڻهن سان ڪوڙا واعدا ڪري رهيو آهي جيڪي پورا ٿيڻ نه ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.