ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن مڪمل طور فٽ نه ٿي سگهيو، جنهن سبب اڄ هو ڏکڻ آفريڪا خلاف اهم ميچ به نه کيڏي سگهيو.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب، ڪين وليمسن آڱوٺي جي انجري مان ڇوٽڪارو حاصل ناهي ڪري سگهيو، پاڪستان خلاف سندس انجري جو جائزو ورتو ويندو.
ڪيوي ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته ڪين وليمسن نيٽ تي ٻه ڏينهن بيٽنگ ڪئي هئي، هو هوريان هوريان انجري مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري رهيو آهي.
You might also like