غزا (ويب ڊيسڪ) فلسطين مزاحمتي تنظيم حماس چيو آهي ته غزا ۾ پناهگيرن جي ڪيمپ جباليا تي اسرائيلي حملي ۾ 7 يرغمالي مارجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب حماس جي هٿياربندن ونگ القسام برگيڊ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جباليا پناهگيرن جي ڪيمپ تي اسرائيلي حملن ۾ 7 يرغمالي مارجي ويا جن ۾ 3 غير ملڪي پاسپورٽ رکندڙ به شامل آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب حماس هيل تائين 239 قيدين مان 4 يرغمالن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like