لاهور (عوامي آواز نيوز) بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جو گهيرو تنگ ٿيڻ بعد سندس فراڊ جا نت نوان انڪشاف ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ملڪ رياض پاڻ کي ڏيوالو ظاهر ڪري اربين رپيا ڦٻائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي.
نامياري صحافي رضوان رضي موجب ڪراچي بحريا ٽائون ۾پلاٽ بڪ ڪرائيندڙن جي اڪثريت 2014ع ۾ قسطون مڪمل ڪري چڪي آهي پر کين پلاٽ ملي نه سگهيو آهي، جڏهن بحريا ٽائون آفيس الاٽيز وڃن ٿا ته اتي ملازمت ڪندڙ رٽائرڊ فوجي جنرل کين کتو جواب ڏين ٿا ته جيڪو ڪرڻو اٿو وڃي ڪريو، پلاٽ لاءِ هيڏي نه اچو. ملڪ رياض جي فراڊ جو اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته هن هڪ پلاٽ چار چار ماڻهن کي الاٽ ڪيو آهي، نتيجي طور هڪ پلاٽ جا چار چار ماڻهن وٽ الاٽمينٽ جا فائيل موجود آهن.
ٻئي طرف ملڪ رياض جو اين او سي رد ٿيڻ کانپوءِ مثال طور جن الاٽيز ڪروڙ يا ڏيڍ ڪروڙ ۾ پلاٽ بڪ ڪرايو هو اهي هاڻي لکن ۾ پلاٽ جو فائيل وڪڻڻ لاءِ هوڪا ڏئي رهيا آهن پر خريدار اڻلڀ آهن، ڇاڪاڻ ته ملڪ رياض جي فراڊ کان سڀ واقف ٿي چڪا آهن.
ان ڪري ڪروڙين جي پلاٽ وارو فائيل ڪير لکن ۾ به خريدڻ لاءِ تيار نه آهي. جڏهن ته ملڪ رياض پاڻ کي ڏيوالو ظاهر ڪري الاٽيز ۽ عدالت جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي اربين رپيا ڦٻائڻ چاهي ٿو، ڏسڻو آهي ته ان ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا عدالت سندس ڊرامو وائکو ڪري ناڪام بڻائي ٿي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 01 نومبر 2023 تي شايع ٿي