غيرقانوني پرڏيهين خلاف اڄ کان آپريشن، سنڌ ڪابينا پاران 4 ارب رپين جي منظوري

اسلام آباد/ڪراچي (بيورو+حفيظ ڦلپوٽو) پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي رضاڪارانه طور تي واپس موڪلڻ جي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کانپوءِ وفاقي گادي واري شهر جي پوليس پنهنجي حڪمت عملي  جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن موجب غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي ڊيڊ لائين گذرڻ کانپوءِ گرفتار ڪري حراست ۾ ورتو ويندو ۽ سندن سامان دستاويز، شيون ضبط ڪيون وينديون، جڏهن ته رجسٽريشن ڪارڊ رکندڙ پرڏيهين کي پوليس ان حوالي سان حڪومت جي وڌيڪ پاليسي کانپوءِ گرفتار يا نظربند نه ڪندي،بيان ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهين کي ايف آءِ اي اهلڪارن طرفان لاڳاپيل پوليس جي مناسب سيڪيورٽي تحت سرحدي ڪراسنگ پوائنٽس تائين پهچايو ويندو.

ٻئي پاسي سنڌ جي نگران ڪابينا غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ ساڍا 4 ارب رپين جي منظوري  ڏئي ڇڏي، وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ نگران ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾  صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، سيڪريٽري ناڻي ڪاظم جتوئي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي، نگران ڪابينا جي ايجنڊا تي بحث ڪندي گهرو سيڪريٽري ڪابينا کي ٻڌايو ته حڪومت پاڪستان 1 نومبر 2023ع کان سمورن غير قانوني مهاجرن کي وطن واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، واضح ڪيو ويو ته وفاقي ڪابينا آءِ ايف آر پي جي منظوري ڏيندي فيصلو ڪيو ته لاجسٽڪ جا خرچ صوبا برداشت ڪندا پر ان معاملي کي مناسب سطح تي اٿاريو ويندو، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن مان واپسي لاءِ ساڍا چار ارب رپيا گهربل آهن، ڪابينا غور ويچار کانپوءِ بجيٽ رقم کان علاوه فنڊن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ٻئي پاسي نگران سنڌ سرڪار پاران ڪراچي جي ضلعي ڪياماڙي ۽ ڏکڻ ۾ افغان پناهگيرن جون ڪئمپون قائم ڪيون ويون، ڪراچي جي ضلعي ڪياماڙي جي سلطان آباد واري علائقي آمين هائوس بوائز اسڪائوٽ هاسٽل ۽ ان جي ڀرسان هڪ ڪئمپ قائم ڪئي وئي جڏهن ته ضلعي ڏکڻ ۾ حاجي ڪئمپ وٽ افغان پناهگيرن جي ڪئمپ قائم ڪئي وئي رات دير تائين ٽنهي ڪئمپن تي ڪو به افغان پناهگير رضاڪارانه طور تي رجسٽريشن ڪرائي نه سگهيو، ٽنهي ڪئمپن تي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري مقرر ٿيل هئي، رات دير سان ڪراچي جي ڪياماڙي، ڏکڻ توڙي ٻين هنڌن تي قائم ڪيل افغان پناهگيرن جي ڪئمپن تي آءِ جي ڊي آءِ جيز توڙي لاڳاپيل عملي جائزو ورتو،  ٻئي پاسي رات دير سان ڪراچي جي مختلف سهراب ڳوٺ، مڇر ڪالوني، لياري بهاري ڪالوني بلديا ٽائون، شيرشاه، اورنگي ٽائون سميت علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري غير قانوني رهندڙ افغانين کي حراست ۾ وٺي افغان پناهگاه ۾ منتقل ڪيو ويو، ٻئي پاسي ڪمشنر ڪراچي محمد سليم راجپوت جي صدارت هيٺ پرڏيهين جي نيڪالي بابت عملدرآمد ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، وفاقي حڪومت جي حڪم تي ڪراچي مان غيرقانوني افغانين کي ڪڍڻ جو ڪم اڄ کان شروع ڪيو ويندو، ضلعي انتظاميا، پوليس رينجرز گڏجي ڪم ڪنديون، ڊي آء جي ڏکڻ زون اسد رضا، سميت سمورن ڊپٽي ڪمشنرن، نادرا، پاڪستان ريلوي ۽ ٻين کاتن جي عملدارن اجلاس کي انتظامن بابت بريفنگ ڏني، ڊپٽي ڪمشنرن پنهنجي لاڳاپيل ضلعن ۾ غير قانوني رهندڙن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اهڙي طرح هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن به علائقي ۾ ڪنهن به غير قانوني ماڻهو کي رهائش نه ڏني وڃي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ غيرقانوني طور رهندڙ غيرقانوني ماڻهو مقامي هوٽلن، ماربل فيڪٽرين، مختلف بازارن ۾ ڪاروبار ڪندڙ، گهريلو ملازم، چوڪيدار طور ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جي معلومات فراهم ڪئي وڃي ته جيئن انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غير قانوني ماڻهن بابت معلوماتي ڊيٽا تيار ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻيو هولڊنگ پوائنٽ حاجي ڪيمپ ڀرسان امين هائوس بوائز اسڪائوٽس هاسٽل ۾ قائم ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پهرين مرحلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي لاڳاپيل ضلعن مان غيرقانوني ماڻهن کي هولڊنگ پوائنٽس تي منتقل ڪندا، ٻئي مرحلي ۾ کين ملڪ کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ چمن بارڊر تي آندو ويندو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.