حڪومت گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس 172 سيڪڙو کان وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت گئس اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

پيٽروليم ڊويزن گئس جي اگهن ۾ واڌ بابت پڌرائي جاري ڪري ڇڏي ۽ گئس جا نوان اگهه پهرين نومبر کان لاڳو ٿيندا.

نوٽيفڪيشن موجب ماهوار 25 کان 90 مڪعب ميٽر تائين گئس جي پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ اگهه ناهي وڌايو ويو پر پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ فڪس چارجز 10 رپين مان وڌائي 400 رپيا ڪيا ويا آهن.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته نان پروٽيڪٽڊ گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس جي قيمت ۾ 172 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ڪئي وئي، جڏهن ته ماهوار 25 مڪعب ميٽر جي واهپيدارن لاءِ قيمت 200 مان وڌائي 300 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ۽ ماهوار 60 مڪعب ميٽر استعمال تي گئس جي قيمت 300 مان وڌائي 600 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.

پڌرائيءَ موجب ماهوار 100 مڪعب ميٽر استعمال تي گئس جي قيمت 400 رپين مان وڌائي 100 رپيا، ماهوار 150 مڪعب ميٽر استعمال تي گئس جي قيمت 600 رپين مان وڌائي 1200 رپيا ۽ ماهوار 200 مڪعب ميٽر استعمال تي گئس جي قيمت 800 مان وڌائي 1800 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ڪئي وئي آهي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ماهوار 300 مڪعب ميٽر استعمال تي گئس جي قيمت 1100 مان وڌائي 3000 رپيا، ماهوار 400 مڪعب ميٽر استعمال تي گئس جي قيمت 2000 مان وڌائي 3500، ماهوار 400 مڪعب ميٽر کان وڌيڪ استعمال تي قيمت 3100 مان وڌائي 4000 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.

تندورن لاءِ گئس جي قيمت 600 رپيا، پاور پلانٽس 1050 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو برقرار آهي، جڏهن ته سيمينٽ سيڪٽر لاءِ گئس جي قيمت 4400 رپيا، سي اين جي سيڪٽر لاءِ 3600 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

برآمدي صنعتن لاءِ گئس جي قيمت 2100 رپيا ۽ غير برآمدي صنعتن لاءِ گئس جي قيمت 2200 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.