ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ جي معاملي تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت عاليا ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ جي معاملي تي ٻڌڻي ٿي.
سنڌ حڪومت جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته سنڌ حڪومت پيپر ليڪ ٿيڻ جي انڪوائري ڪرائي هئي ۽ انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن تي ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
جسٽس عقيل احمد عباسي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته جنهن پيپر ليڪ ڪيو، ان خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي ته پوءِ اهو ڪيس شاگردن خلاف به داخل ٿيندو.
هن چيو اها ڳالهه توهان جي درست آهي ته هڪ دفعو ٽيسٽ ٿي وئي، ٻيهر ورتي پئي وڃي پر رڳو 7 درخواست گذارن سبب 40 هزار شاگردن کي ڊسٽرب نٿا ڪري سگهون.
درخواست گذار جي وڪيل چيو ته رڳو 7 شاگرد ناهن، 11 آهن ۽ سڀاڻي به هڪ درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر آهي.
درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي بدران ڊائو يونيورسٽي ۾ نئين ٽيسٽ ورتي پئي وڃي.
درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي اهو به ٻڌايو ته پي ايم ڊي سي پيپر ليڪ ٿيڻ جي ترديد ڪئي هئي، تنهن ڪري عدالت کي اپيل آهي ته ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جي فيصلي کي معطل ڪيو وڃي.
پوءِ عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت درخواست گذار جي وڪيل کي درخواست جي ڪاپي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي وڪيلن کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته منع نامو نه پيا ڏيون.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي پهرين نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like