اسمارٽ ٽيليويزن هاڻي پاڪستان ۾ ئي تيار ٿينديون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چين جي اليڪٽرانڪس ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپني Xiaomi پاڪستان ۾ ايئر لنڪ ڪميونيڪيشن لميٽيڊ (PSX, Airlink) جي سهڪار سان اسمارٽ ٽيليويزن تيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ايئر لنڪ ڪميونيڪيشن لميٽيڊ (PSX، Airlink) سومر تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي ٻڌايو ته معروف چيني ٽيڪنالاجي ڪمپني Xiaomi پاڪستاني مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ اسمارٽ ٽيليويزن تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ايئر لنڪ ڪميونيڪيشن لميٽيڊ جي اعليٰ آفيسرن چيو ته اسان کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته دنيا جي مشهور ڪنزيومر اليڪٽرانڪس ۽ سمارٽ فون ٺاهيندڙ شوامي پاران اسمارٽ ٽي وي ٺاهڻ لاءِ ايئرلنڪ ڪميونيڪيشن سان پارٽنرشپ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اهي جديد ٽي ويز پاڪستان جي لاهور ۾ واقع ايئر لنڪ جي اسٽيٽ آف دي آرٽ ڪارخاني ۾ تيار ڪيا ويندا.

ايئر لنڪ ڪميونيڪيشن لميٽيڊ موجب، Xiaomi جي عالمي AIOT سربراهه جيانگ هن منصوبي ۾ ايئر لنڪ تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.