قومي ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي گهرواري ۽ اڳوڻي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا به غزا ۾ جاري اسرائيلي جارحيت خلاف آواز اٿاري ڇڏيو.
انسٽاگرام اسٽوري ۾ ثانيا مرزا لکيو ته غزا ۾ تعليم واري وزارت سرڪاري طور تي تعليمي سال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڇو ته اسرائيلي بمباري سان سمورا شاگرد مارجي ويا.
هن چيو ته اسرائيل جي بمباري سان سڄو نسل ختم ٿي ويو ۽ اهو سلسلو هاڻ به جاري آهي پر دنيا خاموشي سان اها نسل ڪشي ڏسي رهي آهي.
You might also like