اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي ڪمپنين جي درخواست تي 14 نومبر تي ٻڌڻي ڪندي.
بجلي واهپيدارن تي 22 ارب 56 ڪروڙ 30 لک رپين جو بار وجهڻ جون تياريون ڪيون ويون، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
بجلي ڪمپنين جي درخواست تي نيپرا 14 نومبر تي ٻڌڻي ڪندي، ڪمپنين ڪيپيسٽي چارجز مد ۾ 12 ارب 12 ڪروڙ 60 لک رپيا وصولي جي اجازت گهري آهي.
يوز آف سسٽم چارجز تحت 10 ارب 24 ڪروڙ 70 لک رپيا وصول ڪرڻ ۽ نقصانن جي مد ۾ 6 ارب 61 ڪروڙ 70 لک رپيا وصول ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
نيپرا ٻڌايو ته آپريشن اينڊ مينٽيننس مد ۾ 4 ارب 61 ڪروڙ 70 لک رپيا گهريا ويا آهن.
ليسڪو جي واهپيدارن تي 10 ارب 30 ڪروڙ 80 لک رپيا، پيسڪو جي واهپيدارن کان 4 ارب 18 ڪروڙ 90 لک رپيا ۽ آئيسڪو واهپيدارن کان 5 ارب 54 ڪروڙ 20 لک رپيا وصول ڪرڻ جي اجازت گهري وئي آهي.
Prev Post
You might also like