چين جي دنيا کي دنگ ڪري ڇڏيندڙ رٿا

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) چين اهڙو ملڪ آهي جنهن جي اڏاوتي رٿائون اڪثر دنيا کي دنگ ڪري ڇڏينديون آهن.

هاڻ اهڙي ئي هڪ نئين رٿا چين ۾ مڪمل ڪئي وئي آهي جيڪا ڏسڻ وارن کي حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿي.

ڏسڻ ۾ اِها ايلين اسپيس شپ لڳي ٿي پر اِها چينگدو سائنس فڪشن ميوزيم آهي، جيڪا هڪ ڍنڍ ۾ ترندي نظر اچي ٿي.

سيچوان صوبي جي راڄڌاني واري شهر ۾ تعمير ٿيندڙ اِها ميوزيم هر رخ کان مختلف نظر اچي ٿي.

ميوزيم ڊيزائن ڪندڙ ڪمپني موجب، هر رخ کان اِها سدائين مختلف نظر ايندي آهي ۽ ماڻهو غير معمولي محسوس ٿيندي آهي.

پر ڊيزائن کان وڌيڪ دنگ ڪري ڇڏيندڙ حقيقت ان جو اڏواتي مدو آهي، سڊني پيرا هائوس کي ٽيڻ تي وڏي ميوزيم هئڻ باوجود اِها جيتري گهٽ مدي ۾ تعمير ڪئي وئي آهي، اهو حيران ڪندڙ آهي.

59هزار اسڪوائر ميٽر چورس تي پکڙيل اهڙي قسم جي عمارت جو اڏاوتي ڪم عام طور چئن کان پنجن سالن ۾ مڪمل ٿيندو آهي پر ڊيزائن کان ويندي عمارت جي تعمير صرف 12 مهينن اندر مڪمل ڪئي وئي آهي.

پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پائلو فلوريس ٻڌايو ته محدود وقت باوجود اِهو اسان لاءِ ڊريم پروجيڪٽ هيو.

ان رٿا جي اڏاوت ۽ ڊيزائن وارو عمل گڏ شروع ٿهيو ۽ ان لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد ورتي وئي.

هيءَ ميوزيم چينگدو جي ضلعي پائيڊو جي فيوچر سٽي بڻائڻ جي رٿا جو حصو آهي.

ميوزيم 18 کان ويهه آڪٽوبر تي ٿيندڙ سائنس فڪشن ڪنوشن جي موقعي تي عوام لاءِ کولي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.