اسرائيلي اداڪارا کي حماس جي حمايت ۾ پوسٽ تي سزا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور عرب اسرائيلي اداڪارا کي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان دهشتگردي تي ڀرڪائڻ جي پوسٽ لڳائڻ سميت انصاف واري وزارت طرفان ٻين الزامن جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.

اداڪارا ميسا عبدالهادي پنهنجي پوسٽ ۾ اسرائيل تي حماس جي ست آڪٽوبر جي حملي جي مذمت ڪئي هئي.

اداڪارا ڪيترين ئي فلمن، ڊرامن ۽ ٽي وي سيريز ۾ اداڪاري ڪري چڪي اهي.

هن رڳو اسرائيلي پيرسن عورت کي حماس پاران آزاد ڪرڻ بعد ان جي تصوير شيئر ڪئي هئي جنهن بعد کيس گرفتار ڪيو ويو.

اداڪارا واٽس ايپ گروپ ۾ دوستن سان حماس جي ڏکڻ اسرائيل واري علائقي تي حملي ۽ اغوا بابت تفصيلن جو ذڪر ڪيو هو.

انصاف واري وزارت جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انسٽاگرام تي 27 هزار فالوورز سان سندس اسٽوريز ۾ اهڙين ڪاررواين لاءِ همدردي جو اظهار هو.

انصاف واري وزارت طرفان ميسا عبدالهادي تي دهشتگرد گروپ سان لاڳاپا رکڻ جو الزام به لڳايو ويو آهي.

ياد رهي ته اسرائيلي عرب رهواسي اسرائيل جي آبادي جو پنجون حصو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.