نيتن ياهو ۽ اسرائيلي فوج ۾ اختلاف کليل نموني سامهون اچي ويا

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ فوج ۾ اختلاف کليل نموني سامهون اچي ويا، نيتن ياهو سوشل ميڊيا تي بيان ۾ حماس جي ڪامياب ڪارروائي تي پنهنجي فوج ۽ انٽيليجنس کي ذميوار قرار ڏنو پر پوءِ هن معافي وٺي ڇڏي.
حماس جي ڪاميابين تي اسرائيل وائڙو ٿي ويو، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ فوج ۾ اختلاف کليل نموني سامهون اچي ويا آهن.
نيتن ياهو سوشل ميڊيا بيان ۾ حماس جي ڪامياب ڪارروائي تي پنهنجي فوج ۽ انٽيليجنس کي ذميوار قرار ڏنو ۽ سوال اٿاريو ته ايڏي وڏي ڪارروائي ڪيئن ٿي وئي؟
فوج جي دٻاءَ ۽ سخت تنقيد کانپوءِ نيتن ياهو تڪراري ٽوئيٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو ۽ معافي به ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.