ناليواري ڀارتي اداڪارا جو گهر مان لاش هٿ

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي مليالم فلم انڊسٽري جي اداڪارا رينجوشا مينن مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو، هوءَ پنهنجي فليٽ مان مئل حالت ۾ هٿ آئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب مليالم فلم انڊسٽري جي 35 ورهين جي اداڪارا رينجوشا مينن جو لاش گهر ۾ پکي سان ٽنگيل مليو، هوءَ پنهنجي مڙس ۽ اداڪار منوج سان گڏ ان فليٽ ۾ رهندي هئي.
اهي اطلاع به سامهون آيا آهن ته رينجوشا مالي پريشانين سبب ذهني دٻاءَ جو شڪار هئي.
پوليس شروعاتي جاچ کانپوءِ موت کي آپگهات قرار ڏنو آهي پر ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
واضح رهي ته رينجوشا مينن فلم ”سٽي آف گولڊ“ ۾ مددگار اداڪارا جو ڪردار نڀايو هو، جڏهن ته هوءَ ”سليبرٽي ڪچن ميجڪ“ ۽ ”ورن ڊاڪٽرانو“ ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.
رينجوشا ڪيترن ئي ڊرامن کي به پروڊيوس ڪيو هو ۽ ڪيترن ۾ ئي اداڪاري به ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.