غزا ( م ڊ ) غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جاري آهي، هوائي ۽ سامونڊي جهازن ۽ توپن جا گولا رڪجي نه سگهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 377 فلسطينين شهيد ٿيا ويا آهن. جڏهن ته بمباري ۾ دير البلا جي مسجد بلال بن رباح ڊهي پٽ ٿي وئي، بي گهرن لاءِ پناهگاهه بڻيل گهر کنڊر بڻجي ويا آهن، غزا جي سڀ کان وڏي اسپتال الشفا ويجهو به بمباري ڪئي وئي آهي، القدس اسپتال طرف ايندڙ رستن کي به تباهه ڪيو ويو آهي، اسپتالون زخمين ۽ مرده خانا لاشن سان ڀرجي ويا آهن. اسرائيل حماس جي هوائي ڪارروائي جي سربراهه سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. فلسطيني صحت واري وزارت موجب 7 آڪٽوبر کان جاري بمباري ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 8 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 22 هزار ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. صحت واري وزارت موجب اسرائيلي بمباري ۾ شهيد ٿيلن ۾ 3631 ٻار ۽ 1872 عورتون به شامل آهن. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو حملن کي آزادي جي ٻي جنگ قرار ڏيندي چيو آهي ته حماس خلاف جنگ مشڪل ۽ ڊگهي هوندي. ٻئي پاسي فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جون جوابي ڪارروائيون به جاري آهن، جنهن ۾ اسرائيلي فوج جون ڪيتريون ئي هٿياربند گاڏيون تباهه ٿي ويون آهن، لبناني تنظيم حزب الله به اسرائيلي فوجين تي حملا ڪيا ۽يهودي فوج جون ڪيتريون ئي گاڏيون تباهه ڪري ڇڏيون. حماس جي ترجمان ابو عبيده غزا جي شهرين کي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته فلسطين جي جنگ کي فيصلائتي جنگ سمجهو ۽ اسان سان گڏ اٿو، فتح اسان جي ٿيندي.