يوروشلم ( م ڊ ) اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس کي شڪست ڏيڻ اسرائيل لاءِ امتحان آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته حماس کي هر صورت ۾ شڪست ڏيڻي آهي ڇو ته اها اسان جي وجود جو امتحان آهي. هن ايران تي الزام مڙهيندي چيو ته ايران حماس جي حمايت ڪري ٿو ۽ مان سمجهان ٿو ته حماس جي فوجي بجيٽ جو 90 سيڪڙو ايران مان ايندو آهي، ايران حماس کي فنڊ، منظم ۽ هدايتون ڏيندو آهي.
غزا جي صورتحال تيزي سان خراب ٿي رهي آهي: انتونيو گوتريس
نيويارڪ ( م ڊ ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس غزا جي صورتحال تي خبردار ڪيو آهي. انتونيو گوتريس جو چوڻ آهي ته غزا جي صورتحال تيزي سان خراب ٿي رهي آهي، غزا جي صورتحال ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي.گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ آهي ته اسرائيل انساني همدردي جي بنياد تي وقفي بدران فوجي ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن. ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم جنگ جي نئين مرحلي جو اعلان ڪندي غزا تي حملن کي آزادي جي ٻي جنگ قرار ڏنو آهي.اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته غزا ۾ جاري زميني ڪارروائي جنگ جو ٻيو مرحلو آهي، غزا جي پٽي اندر جنگ مشڪل ۽ ڊگهي هوندي، جنگ کانپوءِ اسان کي ڏکين سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا.