پ پ دور ۾ ملازمن کي سياسي بنيادن تي ڏنل بنگلا ۽ فليٽ خالي ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽ: جي ايم کوکر )پ پ جي اڳوڻي سرڪار ۾ سياسي بنيادن تي پاليسي ۾ نه ايندڙ 184 سرڪاري ملازمن کان نگران حڪومت بنگلا ۽ فليٽ خالي ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سروس کاتي  سينٽرل، اوڀر ۽ ڏکڻ جي ڊپٽي ڪمشنرن کي جناح ڪالوني، باٿ آئي لينڊ،همايون گارڊن ويسٽ،ايس ايم سي ايڇ ايس، شادمان ٽائون۽ جيڪب لائين ڪمپليڪس ۾ رهندڙن کي نيڪالي ڏيڻ واروحڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.جڏهن ته نان پاليسي تحت رهائش اختيار ڪندڙن ۾ اڳوڻوسيڪريٽري محمد راشد،ڪيپٽن رٽائرڊعبدالڪبير قاضي،ليڪچرار نرجس بتول سميت ايجوڪيشن، صحت،اطلاعات،هاءَ ڪورٽ،ورڪس اينڊ سروس،سول اسپتال،سٽي ڪورٽ،پي ٽي اي،ڊفينس،انڊسٽري،ڪوآپريٽيو سوسائيٽيز، بورڊ آف روينيو،فشريز،ڊي ايم سي،ناڻو کاتو سميت ڪيترن ئي ٻين کاتن جا ملازم شامل هجڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي.تفصيل موجب سنڌ حڪومت طرفان سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سيڪريٽريٽ ملازمن جي آفيسرن ۽ ملازمن جي رهائش لاءَ قائم ڪيل سرڪاري گهرن ۽ فليٽن تي پيپلزپارٽي جي اڳوڻي سرڪار ۾ سياسي بنيادن تي نان پاليسي تحت الاٽيز حاصل ڪندڙ 184رٽائرڊ ۽حاضر سروس ملازمن کي نيڪالي ڏيڻ لاءَ سروس جنرل ايڊمنسٽريٽيو کاتي پاران ڪراچي جي ٽن ضلعن سينٽرل، اوڀر ۽ ڏکڻ جي ڊپٽي ڪمشنرن کي 25 سيپٽمبر 2023 تي هڪ خط لکي ڇڏيو آهي جنهن ۾ 1986 کان 2017 تائين نان پاليسي ۾ ايندڙ ڪامورن ۽ ننڍن ملازمن کي گهر ۽ فليٽون خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، روزاني عوامي آواز پاران حاصل ڪيل انگ اکرن موجب ڪراچي جي پوش علائقي ڪلفٽن واري پاسي قائم باٿ آئي لينڊ ۾  4بنگلن ، همايون گارڊن ويسٽ ۾17فليٽون، ايس ايم سي ايڇ سي ۾59 بنگلا ۽ فليٽون،شادمان ٽائون ۾97 گهر ۽ فليٽون۽ جيڪب لائين ڪمپليڪس ۾7سرڪاري رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ڪامورن توڙي ننڍا ملازم قابض هجڻ جي نشاندهي ٿيڻ بعد کين گهر ۽ فليٽون خالي ڪرڻ جو اڳ نئي نوٽسز جاري ڪري گهر ڇڏڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي،سيڪريٽريٽ جي گهرن ۽ فليٽن نان پاليسي تحت قابض رهندڙن ۾ شيرين جناح ڪالوني بنگلو نمبر 4 ۾ اڳوڻو سيڪريٽري محمد راشد رهائش اختيار ڪئي آهي جنهن 11 ڊسمبر 2013 ۾ الاٽيز حاصل ڪئي،باٿ لينڊ ۾ بنگلو نمبر 19۾رٽائرڊ عبدالڪبير قاضي جي نالي تي25 جون 2009 تي الاٽيز ورتي وئي،اهڙي طرح ايجوڪيشن ۾ ليڪچرار نرجس بتول باٿ آئي لينڊ ۾ بيسمنٽ نمبر 49 اي ڪور هڪ ۾ رهي ٿي، اطلاعات کاتي جي آفيسرن ۾ محمد يوسف ڪابورو بات لينڊ ۾ فليٽ نمبر 10 ۾ رهي ٿو، سول اسپتال جي ايس ايم او شميم ڪريم سوٽ نمبر 3 شيرين جناح ڪالوني ،ڪاليج ايجوڪيشن جي اسسٽنٽ فرزانه فليٽ نمبر هڪ همايو هائوس گارڊن ويسٽ، صحت کاتي مان ڊبليو ايم او ڊاڪٽر سائمه فليٽ نمبر2 همايو هائوس گارڊن ويسٽ، صحت کاتي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر گلاب راءَ فليٽ نمبر3 همايو هائوس گارڊن ويسٽ،ايجوڪيشن کاتي جي پي آر او ٽو منسٽر ذوالفقار علي شيخ فليٽ نمبر 12 همايو هائوس گارڊن ويسٽ ۾ 2 فبروري 2006 تي الاٽيز حاصل ڪئي، اطلات کاتي جي انفارميشن آفيسر امتياز علي جويو فليٽ نمبر 12 همايو هائوس گارڊن ويسٽ ۾ 27 جنوري 2001 ۾ الاٽيز حاصل ڪئي،ٻيلو کاتي جي آفيسر ذيشان علي فليٽ نمبر 18 همايو هائوس گارڊن ويسٽ ۾ 5 سيپٽمبر 2013 ۾ الاٽيز ورتي، سيسي ليبر کاتي جي  آر ايم او خير محمد ناريجو فليٽ نمبر 30 همايو هائوس گارڊن ويسٽ ۾ 13 مارچ 2013 ۾ الاٽيز ورتي، مڪاني کاتي جي ضلعي آفيسر احمد علي شيخ فليٽ نمبر 35 همايو هائوس گارڊن ويسٽ ۾ 11 سيپٽمبر 2012 ۾ الاٽيز ورتي، سنڌ هاءَ ڪورٽ ۾ ايس آر ڪلارڪ احمد خان منگي فليٽ نمبر اي 8 جي او آر 2 ايس ايم سي ايڇ ايس ۾ 2 ڊسمبر 1998 ۾ الاٽيز ورتي، سول ڊفينس جي انسٽريڪٽر خالد محمود فليٽ نمبر اي 13 جي او آر 2 ايس ايم سي ايڇ ايس ۾ 28 جولائي 2005 ۾ الاٽيز ورتي،پي ڊبليو ڊي ۾ سب انجنيئر بحاول دين شيخ فليٽ نمبر بي 21 جي او آر 2 ايس ايم سي ايڇ ايس  2 فبروري 2002 ۾ الاٽيز ورتي،انڊسٽريز کاتي جي انڊسٽريز آفيسر ڪفايت حسين لاشاري فليٽ نمبر بي 31 جي او آر 2 ايس ايم سي ايڇ ايس ۾ 21 سيپٽمبر 2000 ۾ الاٽيز ورتي، پي ايڇ اي کاتي جي سب انجنيئر عبدالحميد جمالي فليٽ نمبر ڊي4 جي او آر 2 ايس ايم سي ايڇ ايس ۾ 17 آگسٽ 1995 ۾ الاٽيز ورتي، لياري اسپتال جي بليڊ ٽرانسفر  محمد ساقب خان فليٽ نمبر ايف 50 جي او آر 2 ايس ايم سي ايڇ ايس 22 اپريل 1991 ۾ الاٽيز ورتي، پي ڊبليو ڊي ۾ انڪوائري ڪلارڪ عبدالحق عباسي فليٽ نمبر ايف 51 جي او آر 2 ايس ايم سي ايڇ ايس ۾ 11 ڊسمبر 2014 ۾ الاٽيز ورتي، ڪوآپريٽيو سوسائيٽي جي انسپيڪٽر ساجد علي جوکيو فليٽ نمبر جي 62 جي او آر 2 ايس ايم سي ايڇ ايس ۾ 19 اڪٽوبر 2004 ۾ الاٽيز ورتي، سٽي ڪورٽ جي جونيئر ڪلارڪ اسد الله شيخ فليٽ نمبر جي 68 جي او آر 2 ايس ايم سي ايڇ ايس ۾ 5 جون 1985 ۾ الاٽيز ورتي،اليڪٽرڪ انسپيڪٽر آفيسر عبدالراشد خان فليٽ نمبر 86 جي او آر 2 ايس ايم سي ايڇ ايس ۾ 28 مئي 2015 ۾ الاٽيز ورتي، ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ جي غلام صابر نوناري فليٽ نمبر ون 110 جي او آر 2 ايس ايم سي ايڇ ايس ۾ 11 نومبر 2014 ۾ الاٽيز ورتي، ايڊوڪيٽ جرنل سنڌ جي جونيئر ڪلارڪ جاويد اقبال فليٽ نمبر ايل 35 جي او آر 2 ايس ايم سي ايڇ ايس ۾  21 مارچ 2012 ۾ الاٽيز ورتي، سنڌ هاءَ ڪورٽ جي نائب قاصد نظير حسين شاه فليٽ نمبر اين 3 جي او آر 2 ايس ايم سي ايڇ ايس ۾ 11 آگسٽ 2006 ۾ الاٽيز ورتي،هاءَ ڪورٽ جي فراش جميل احمد فليٽ نمبت اين 9 جي او آر 2 ايس ايم سي ايڇ ايس ۾ 6 سيپٽمبر 2010 ۾ الاٽيز ورتي،سنڌ گورمنٽ هاسپيٽل جي وارڊ بوائي شاهد خان فليٽ نمبر اي 17 شادمان ٽائون ، ڊائريڪٽر سيشن ڪورٽ جونيئر ڪلارڪ فرحان خان فليٽ نمبر ٽي 24شادمان ٽائون،لوڪل ڪائونسل جي نائب قاصد غلام علي مڱريو فليٽ نمبر پي 32 شادمان ٽائون ،اسڪول ايجوڪيشن جي پرائمري استاد هارون سهيل فليٽ نمبر پي 39 شادمان ٽائون، گورمنٽ پريس جيڪمپيوٽر آپريٽر زاهد علي فليٽ نمبر ايس 3 جيڪب لائين ڪمپليڪس ، سي ايم آئي ٽي جي ڊرافٽ مين سراج احمد سومرو فليٽ نمبر ڪي 25 جي او آر 3 شاد مان ٽائون ۾ 20 نومبر 2009 تي الاتيز حاصل ڪندڙن ۾ شامل آهي.

خبر پوڻ تي ملازم گهر پئسن تي وڪرو ڪرڻ لڳا

ڪراچي: نان پاليسي تحت سرڪاري گهر حاصل ڪندڙ پاران ڪل پوڻ تي گهر پيسن عيوض وڪرو ڪرڻ لڳا،ان سلسلي ۾ذريعن موجب  سنڌ  سيڪريٽريٽ جي سرڪاري بنگلن ۽ فليٽن تي نان پاليسي وارن جي قبضي بابت ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته نان پاليسي ۽ حڪومت فيصلي جو اطلاع ملڻ بعد ڪيترن ئي رهندڙ پاران پنهنجا گهر ۽ فليٽ ڏيڍ کان اڍائي لکن عيوض ٻين نان پاليسي ۾ ايندڙ ملازمن کي ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته اهڙي ڪل پوڻ بعد نون الاٽيز حاصل ڪندڙن ۾ بي چيني وڌي وئي آهي جن پنهنجي بااثر اڳوڻن وزيرن ۽ سياسي اڳواڻ کان سفارشون ڪرائڻ شروع ڪري ڏنيون آهن.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت گهر خالي ڪرايون پيا: سيڪريٽري

ڪراچي:سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۽ 2000 واري پاليسي تحت سرڪاري گهر خالي ڪرايون پيا،اهڙيون ڳالهيون سروس جنرل ايڊمنسٽريٽيو کاتي جي سيڪريٽري محمد علي کوسو روزاني عوامي آواز سان ڳالهائينديو ڪيون هن  چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي انهن رهائشي سرڪاري ملازمن کان گهر خالي ڪرايون. پيا جيڪي نان پاليسي ۾ اچن ٿا هن چيو ته سرڪاري گهرن جي پاليسي 2000ع تحت 184 ملازمن کي فائنل نوٽس 12 سيپٽمبر 2023 تي اماڻيو ويو هو جنهن ۾ 7 ڏينهن اندر پاڻ مرادو گهر خالي ڪرڻ جو چيو ويو هو، هن چيو ته ان نوٽس جي باوجود جنهن به گهر خالي ناهين ڪيا انهن کي ڪڍڻ لاءَ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن کي 25 سيپٽمبر 2023 تي خط لکيو هو ۽ انهن کي ڪاروائي جو پڻ حڪم ڏنو آهي.

خودمختيار اداري کي به سيڪريٽريٽ ۾ شامل قرار ڏئي سرڪاري گهر ڏنا ويا

ڪراچي:خودمختيار اداري کي به سيڪريٽريٽ ۾ شامل قرار ڏئي سرڪاري گهر الاٽ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ جي سرڪاري  بنگلن ۽ فليٽن تي 20 کان مٿي سنڌ اسيمبلي جا آفيسر ۽ ملازم رهائشي آهن جن کي پڻ پاليسي مطابق قرار ڏنو ويو آهي،جڏهن ته جي اي کاتي ماتحت سيڪشن آفيسر سٽيٽ  فراز قريشي موجب سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي دائري ۾ اچي ٿي ان ڪري انهن جي رهواسي نان پاليسي ۾ نٿا اچن، ياد رهي ته سنڌ اسيمبلي پاڻ واضع ڪري ڇڏيو آهي ته هو هڪ خودمختيار ادارو آهي جيڪو سنڌ سيڪريٽريٽ جي دائري ۾ نٿو اچي.هاڻي ڏسڻو اهو آھي ته ان مامري کي عدالت ڪئين ٿي ڏسي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.