حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) سنڌي شاگرد تحريڪ پاران، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سفارش ۽ رشوت عيوض نتيجا ڪڍڻ ، تعليمي ادارن جي فين ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ، شاگرد يونين بحال نه ڪرڻ، يونيورسٽين جي گرانٽ ۽ تعليمي ادارن جي بجيٽ نه وڌائڻ، ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ ڪي ايس پي پاليسي، ميڊيڪل جو پرچو آئوٽ ٿيڻ ۽ تعليمي بورڊن ۾ گريڊن جي وڪري خلاف اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين تعليم بچايو مارچ ڪيو ويو، مارچ ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن شرڪت ڪئي، شاگردن “سفارش تي ڀرتيون نامنظور، ميرٽ جي لتاڙ نامنظور، فين ۾ واڌ نامنظور، شاگرد يونين بحال ڪريو” جهڙا نعرا هڻي رهيا هئا. تعليم بچايو مارچ جي اڳواڻي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام علي زنئور، ڪبير ڀيل، امجد سرگاڻي، علي رضا جلباڻي، سمي ابڙو، نويد عباس ڪلھوڙو، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر، فاضل کوسو، مجاھد بلوچ، حبيب ڪلوئي، مختيار گائنچو، اياز صالح پليجو، حميد انقلابي ۽ دلدار نوحاڻي ڪئي. ان موقعي تي ڳالھائيندي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح چيو ته فين ۾ واڌ ڪري غريب شاگردن کان تعليم جو حق کسيو ويو آهي، جاگيردار، سردار، سرمائيدار حڪمرانن غريبن جي ٻارن جي تعيلم حاصل ڪرڻ تي بندش وجهي ڇڏي آهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن رشوت عيوض نوڪريون وڪرو ڪري اھل نوجوانن جو مستقبل تباھ ڪيو ويو آھي، نوجوانن جو اتساهه ختم ڪيو ويو آهي، سنڌ جا تعليمي بورڊ گريڊ وڪري جي منڊي بڻيل آھن، گريڊ کان ويندي نوڪريون پئسن تي وڪرو ٿين ٿيون، شاگرد يونين بحال نه ڪري تعليمي ادارن ۾ مارشل لا مڙھي وئي آھي، شاگرد يونين بحال نه ڪرڻ شاگردن سان ناانصافي آھي، هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي سالياني فين ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪري غريب شاگردن لاءِ اعليٰ تعليم جا دروازا بند ڪيا آھن، داخلا فين ۾ واڌ کي رد ڪريون ٿا، سنڌ يونيورسٽي ستن مھينن ۾ 45 سيڪڙو کان وڌيڪ فين ۾ واڌ ڪري شاگرد دشمني ڪئي آھي، ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلائن تي پابندي مڙھي وئي آھي، ڪراچي جا تعليمي ادارا سازش ڪري سنڌي شاگردن لاءِ نو گو ايريا بڻايا ويا آھن، ڪي ايس پي پاليسي مڪمل طور تي ختم ڪئي وڃي. ھن چيو ته يونيورسٽين جي گرانٽ نه وڌائڻ تعليم دشمني آھي، يونيورسٽين جي بجيٽ نه وڌائي يونيورسٽين کي مالي بحران جي ور چاڙھيو ويو آھي، حالت اھا آھي جو سنڌ ھيڪ طرفان سنڌ يونيورسٽي کي جاري ڪيل رقم ٽائون ڪميٽي جي بجيٽ کان به گھٽ آھي، يونيورسٽين ۾ ڪم ڪندڙ ٽيچنگ اسسٽنٽ جي پگھارن ۾ اضافو ڪيو وڃي، ٽيچرز ھاسٽلن ۾ رھائش ڏيڻ سميت ٽيچنگ اسسٽنٽ کي سموريون سھولتون ڏنيون وڃن، ميڊيڪل جو پرچو آئوٽ ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، ميڊيڪل جو پرچو آئوٽ ڪندڙ آفيسرن خلاف ھن وقت تائين ڇو ڪارروائي ناھي ڪئي وئي، ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ پاسنگ مارڪن تي سيٽ ڏني وڃي، ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽن ۾ پاس ٿيندڙ شاگردن کي داخلا نه ملڻ حڪومتي نااھلي آھي.