حيدرآباد ۾ غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي، افغانين جا ڪٽڪ لٿل

حيدرآباد(رپورٽر) غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ واري مرحلي ۾ باقي هڪ ڏينهن بچيو آهي، پر حيدرآباد ۾ ضلعي انتطاميا، پوليس توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڪو به تحريڪ نه ورتو ويو آهي، جڏهن ته اسلام آباد، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي مان افغانين جا ڪٽڪ ڪارروائي جي ڊپ کان  سنڌ جي مختلف شهرن کي پنهنجي محفوظ پناهه گاهه سمجهندي رخ ڪري رهيا آهن، افغاني ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، ٽنڊومحمد خان، بدين، مٽياري ۽ ٻين ضلعن ۾ اڳ ئي موجود پنهنجن مٽن مائٽن وٽ اچي رهيا آهن انهن افغانين جون گاڏيون رات جي وقت حيدرآباد ۾ افغان آبادين ۾ ايندي ڏٺيون ويون آهن اهڙي طرح حيدرآباد ضلعي ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين سميت ٻيا ماڻهو پنهنجي معمول واري زندگي گذاري رهيا آهن. وفاقي سرڪار پاران غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين جي نيڪالي جي لاءِ ڏنل وارننگ باوجود حيدرآباد ضلعي ۾ ڪا ڪارروائي نه ٿيڻ ڪري اهي معمول واري زندگي گذاري رهيا آهن, پهرين نومبر تائين هر صورت ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين کي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ جو چيو ويو آهي، جنهن ۾ هاڻ باقي هڪ ڏينهن بچيو آهي، گذريل وڏي عرصي کان سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج ٿيندا رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ مختلف وقتن تي ڌارين جي آبادي جا انگ اکر به سامهون ايندا رهيا آهن، جن ۾ تضاد هجڻ ڪري ڌرتي ڌڻي سرڪاري انگن اکرن کي رد ڪندي واضع موقف اختيار ڪري مطالبو ڪندا رهيا آهن ته افغانين سميت ٻين غير قانوني طور تي رهندڙ پناهگيرن جو سنڌ ۾ تعداد لکن ۾ آهي، انهن مان ڪيترائي ماڻهو غير قانوني طور تي نادرا جي آفيسرن کي رشوتون ڏئي پنهنجا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي چڪا آهن، ساڳي ئي طريقي سان هنن کي ڊوميسائيل به ٺهي مليو ويو آهي. ذريعن موجب هڪ سرڪاري کاتي پنهنجي ڪم جي جي حوالي سان هلندڙ هڪ پروگرام ۾ يونين ڪائونسل سطح تي حيدرآباد ضلعي ۾ افغانين جا انگ اکر گڏ ڪيا آهن، جنهن مان ظاهر ٿيو آهي ته حيدرآباد ضلعي اندر افغانين جا 8 هزار وڌيڪ خاندان موجود آهن ۽ انهن خاندانن ۾ فردن ۾ جو انگ مقامي ماڻهن جي خاندانن کان وڌيڪ آهي، افغاني فيملي پلاننگ وارن اصولن تي ناهن هلندا ان ڪري انهن جي هڪ خاندان جي ماڻهن جو انگ 21 کان 30 ماڻهن تائين به ٿي وڃي ٿو، هڪ اندازي موجب 8  هزار کان وڌيڪ خاندانن ۾ عورتن، مردن ۽ ٻارڙن جو تعداد ڏيڍ لک کان به وڌي وڃي ٿو، پر ان جي باوجود سرڪاري انگ اکر واضع نٿا ڪن ته حيدرآباد ضلعي ۾ افغانين جو تعداد ڪيترو آهي. واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪمشنر حيدرآباد خالد حيدر شاهه اجلاس سڏائي ڊويزن جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن، ايس ايس پيز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي عملدارن کي هدايت ڪئي هئي ته اهي پنهنجن لاڳاپيل ضلعن ۾ رهندڙ غير رجسٽرڊ افغاني رهواسين جي معلومات حاصل ڪرڻ ۽ سندن نشاندهي ڪرڻ جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪن ۽ ان ڏس ۾ حساس ادارن کان به مدد ورتي وڃي ته جيئن پهرين نومبر کان اڳ حيدرآباد ڊويزن ۾ رهندڙ غير رجسٽرڊ افغانين جي سندن ملڪ واپسي واري ڪم کي پرامن ۽ احسن طريقي سان مڪمل ڪري سگهجي.

پوليس ڪاررواين دوران اڪثر افغاني ڏوهن ۾ ظاهر ٿيڻ لڳا

حيدرآباد: سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ اهو تاثر عام آهي ته افغاني پناهگير ڏوهن، منشيات ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ ۽ وڪري سميت ٻين غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث  آهن، ان تاثر کي تڏهن وڌيڪ اهميت ملي ٿي جڏهن پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪاررواين ۾ ڏوهن ۾ ملوث جوابدار افغاني شهري ظاهر ٿين ٿا، حيدرآباد ضلعي ۾ افغانين جو وڏو تعداد هالاناڪي، لطيف آباد جي مختلف يونٽن، گنجو ٽڪر، زيل پاڪ، پاڪولا، قاسم آباد جي مختلف علائقن، گلشن خير محمد، حالي روڊ، نئين پل، پراڻي سبزي منڊي، ٽنڊوڄام، نيون حيدرآباد سٽي، هٽڙي باءِ پاس، ظفر هائوسنگ سوسائٽي، هوسڙي، سائيٽ ايريا، سيري ۽ ٻين علائقن ۾ موجود آهي.

هٽڙي، سائيٽ ايريا ۽ ٻين علائقن ۾ افغانين کي ڇوٽ ڏيڻ لاءِ ڀتو وٺڻ جو سلسلو تيز

حيدرآباد: ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته هٽڙي، سائيٽ ايريا، ٽنڊوڄام، ٽنڊويوسف، بلديا ۽ ٻين ٿاڻن جي حدن ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين سميت ٻين ماڻهن کي  ڇوٽ ڏيڻ جي لاءِ ڀتو وٺڻ جو سلسلو به تيز ٿي ويو آهي انهن غير قانوني طور تي رهندڙ پناهگيرن کي نيڪالي ڏيڻ کان بچائڻ جو آسرا ۽ دلاسا ڏنا پيا وڃن.

افغانين جي نيڪالي خلاف عورت مارچ ۾ مردن جي اڪثريت

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) افغانين جي ملڪ بدري   خلاف عورت مارچ پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو، مظاهري ۾ پشتون ملي عوامي پارٽي، نيشنل ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي ماڻهن جي اڪثريت، عورتن ۽ خواجه سراء جو تعداد نه هجڻ برابر. افغانين جي ملڪ نيڪالي جي الٽيميٽم ۾ باقي ٻه ڏينهن بچيا آهن جڏهن ته ڪيترائي افغان مهاجر پاڻ مرادو ملڪ ڇڏي واپس ڏيھ وڃي چڪا آهن پر سنڌ توڙي سموري پاڪستان جي عوام پاران سخت مخالف باوجود عورت مارچ جو پاڪستان جي مختلف شهرن توڙي ڪراچي ۾ افغانين جي ملڪ نيڪالي خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو ويو. ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران عورت مارچ جي اڳواڻي ۾ مورت مارچ، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي نيشنل ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي اڳواڻن افغان مهاجرن جي ملڪ نيڪالي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ شهزادي راء، غزالا شفيق ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ 1700 ماڻهن کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو آھي جيڪي 40 سالن کان پاڪستان ۾ رھن ٿا، اسين افغانين جي نيڪالي جي خلاف آھيون. هنن چيو ته جيڪي عورتون محنت ڪرڻ چاھين ٿيون انھن محنت ڪش افغانين کي نيڪال نه ڏنو وڃي، افغانستان ۾ انھن عورتن کي تعليم جو حق ناھي ھتي اھي پڙھن ٿيون ادارا انھن جي نيڪالي وارو سلسلو بند ڪن. هنن چيو ته پاڪستان جمهوري ملڪ آهي نگران حڪومت کي اهڙو فيصلو ڪرڻ جو حق ناهي اسين عورت مارچ جي پليٽ فارم تان مذمت ڪريون ٿا .

ڪراچيءَ جي ناظم آباد واري علائقي چاولا مارڪيٽ ۾ افغانين جو راڄ قائم

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) ڪراچيءَ جي ناظم آباد واري علائقي ۾ چاولا مارڪيٽ اندر افغانين جو راڄ قائم آهي.ڪپڙي جي اسمگلنگ ۾  ملوث افغانين خلاف رضويه ۽ ناظم آباد پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس مبينا طور تي ڳري رشوت عيوض افغانين سان ٻٽ بڻجي وئي آهي. ذريعن موجب چاولا مارڪيٽ ۾ افغانين جا ڪيترائي دڪان قائم آهن، پوليس ڳري رشوت عيوض غير قانوني طور ترسيل افغانين خلاف ڪا به ڪاروائي نه پئي ڪري.  ذريعن موجب چاولا مارڪيٽ ۽ آس پاس رهندڙ افغاني اثر رکن ٿا، جنهن ڪري سندن خلاف ڪا به ڪارروائي ٿي ڪئي وڃي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته افغانين چاولا مارڪيٽ جي پارڪ تي قبضا ڪري دڪان قائم ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب عورتن ۽ ٻارن جو پارڪ اندر وڃڻ به ناممڪن آهي. علائقي جا ماڻهو ڊپ وچان افغانين خلاف ڳالهائڻ کان ماٺ آهن. هنن سنڌ جي گورنر، نگران وڏي وزير، ۽ آءِ جي سنڌ مطالبو ڪيو چاولا مارڪيٽ مان غيرقانوني افغانين کي هٽائي ناظم آباد جي عوام کي تحفظ فراهم ڪري، اسمگل ٿيل ڪپڙن ۽ غيرقانوني دڪانن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

حيدرآباد ۾ افغانين جا وڏا ڪاروبار ۽ آباديون پڻ موجود

حيدرآباد: سڄي سنڌ جيان حيدرآباد ۾ موجود اڪثر افغاني پنهنجا ننڍا وڏا ڪاروبار، سرڪاري نوڪريون ۽ ٻيون ملازمتون ڪري رهيا آهن،   سرڪاري نوڪريون به کين سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺهرائڻ واري طريقي سان ملي ويون آهن، تازو آءِ بي اي سکر پاران پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي استادن جي ڀرتي جي لاءِ ورتل ٽيسٽ کانپوءِ ڪيترائي افغاني پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي استاد طور ڀرتي به ٿي چڪا آهن اهڙي طرح سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ٿيندڙ مختلف امتحانن ۾ ٻهراڙي جي ڪوٽا تي افغاني نوڪرين ۾ ڀرتي ٿيڻ جون ڳالهيون انهن جي نالن ۽ تصويرن سميت سوشل ميڊيا تي ٿي رهيون آهن، حيدرآباد جي چئني تعلقن قاسم آباد، لطيف آباد، سٽي ۽ حيدرآباد ٻهراڙي ۾ افغانين جون ننڍيون وڏيون آباديون به موجود آهن، ان کانسواءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ هو پنهنجا ذاتي گهر خريد ڪري رهن پيا يا وري مسواڙ جي جاءِ تي رهائش اختيار ڪري ويٺل آهن، ڪراچي کانپوءِ سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ افغانين جو تعداد تمام گهڻو آهي، اهڙي طرح سنڌ جي وڏن شهرن کانسواءِ ننڍن شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ به افغاني وڏي تعداد ۾ آباد آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.