ارشاد رانجهاڻي ڪيس جو فيصلو عدالت ۾ چيئلنج ۽ ڪراچي ۾ ڌرڻي جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) عوامي راڄ تحريڪ ارشاد رانجھاڻي ڪيس جي عدالتي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ ۽ مشاورت بعد ڪراچي جي شاهراهه فيصل  تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي، ڪراچيءَ جي ٽي تلوار واري علائقي ۾ عوامي راڄ تحريڪ جي سڏ تي شهيد ارشاد رانجهاڻي ڪيس جي فيصلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڌرڻي ۾ سيد خليل شاهه، ميان الياس عباسي، مشتاق سرڪي، سارنگ پيرزادو، سراج چانڊيو، اياز رانجهاڻي، رزاق عاصي، سنڌ سجاڳي فورم اڳواڻ زمان شاھ، زاهد کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي سيد خليل شاھه چيو ته ارشاد رانجھاڻي ڪيس جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪنداسين. هن چيو ته ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس جي فيصلي عدالتي نظام جي ڪمزورين کي ظاهر ڪيو آهي، اي ٽي سي جو فيصلو انتهائي ڪمزور آهي، جنهن مان نه رڳو وارثن پر قانون ۽ آئين جي بالادستي تي يقين رکندڙ هر ماڻهو کي مايوسي ٿي آهي، شهيد ارشاد رانجهاڻي ڀاءُ منور رانجھاڻي چيو ته پهرين ڏينهن کان وٺي قانون، آئين ۽ عدالتي نظام تي اعتماد ڪري ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس تي قانوني ڪارروائي ڪئي ۽ عدالتي ناانصافي خلاف هاڻ به عدالت جو در کڙڪائينداسين، مشتاق سرڪي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اي ٽي سي جي فيصلي مايوس ڪيو آهي پر اسان پهرين ڏينهن کان عوامي جدوجهد ڪري هن ڪيس جي ايف آئي آر داخل ڪرائي هاڻ به وارثن سان گڏجي جدوجهد ڪنداسين. هن چيو ته شهيد ارشاد رانجهاڻي ڪيس مينيج ٿيل هو، گرفتاري مهل به جوابدار رحيم شاھ هڪ بااثر جي بنگلي ۾ لڪيل هو، رحيم شاھ چاهي پيو ته ارشاد رانجهاڻي جي وارثن سان ڊيل ڪري ڪيس ختم ڪرائجي پر ارشاد جا وارث ۽ سنڌي قوم هڪ ٿي بيهي بيٺا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.