غزا ( م ڊ ) ڊاڪٽرن جي عالمي تنظيم ڊاڪٽرز ودائوٽ بارڊرز ، غزا ۾ فوري طور تي جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ عالمي اداري چيو ته اتر غزا جو علائقو تباهه ٿي ويو آهي، سڄو غزا اسرائيلي حملن جي وڪڙ ۾ آهي. ڊاڪٽرز ودائوٽ بارڊرز وڌيڪ چيو ته غزا ۾ جنگبندي تي عالمي اڳواڻن جو ردعمل ڪمزور ۽ سست ثابت ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽرن جي عالمي تنظيم چيو آهي ته اسپتالون زخمين سان ڀرجي ويون آهن ۽ لاشن سان مردا خانا ڀرجي ويا آهن.عالمي اداري جو چوڻ آهي ته غزا ۾ زخمين جي عضون جي سرجري بغير اينسٿيزيا جي ڪئي پئي وڃي.