سيوھڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ) سيوھڻ ۾ جھاز چوڪ تي ايس يو پي جي ميزباني ھيٺ گرينڊ ڊيموڪريٽ الائينس (جي ڊي اي) پاران اليڪشن مھم جي سلسلي ۾ جلسو منعقد ڪيو ويو، جي ڊي اي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل صفدر عباسي جلسي کي طاب پريس ڪانفرنس دوران چيو ته پيپلزپارٽي جي 15 سالن جي ڦرلٽ سبب سنڌ ۾ ڪابه ترقي نه ٿي سگهي آهي جنهن ڪري سنڌ جا شھرن جا شھر برباد آهن ھڪ شھر به سلامت ناھي ھر طرف کنڊرات جا منظر آهن، تعليم ختم آهي 19 ھزار اسڪول بند پيل آهن اسپتالن جو حشر خراب آهي ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ گھر ڪٿي ٺھيا آهن ؟ پيپلزپارٽي پاران سالن جي دور حڪومت ۾ اندر وسيلن جي جيڪا لٽ مار ۽ چوري ڪئي آهي ان سان سنڌ کي تباهي کان سواءِ ڪجهه ناھي مليو جنهن کي جي ڊي اي ۾ شامل پارٽيون اليڪشن مھم دوران عوام کي آگاھ ڪنديون. ھن چيو ته سنڌ اندر اپوزيشن سياست جو فقدان آهي ان ڪري عوام مسئلن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه چيو ته ماضي جي پندرهن سالن ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت جيڪو سنڌ کي لٽيو، تباھ ۽ برباد ڪري ۽ ورھائڻ جي ڪوشش ڪندي آئي آھي ان لاءِ سنڌ يونانيٽيڊ پارٽي جي ڊي اي سان گڏجي اليڪشن وڙھڻ جو فيصلو ڪيو آهي سنڌ ۾ نگران حڪومت جوڙي وئي آھي پر نظام ساڳيو آھي ۽ اسان کي ايندڙ وقت ۾ جيڪو ماحول نظر اچي رھيو آھي ان ۾ آزاد اليڪشن وڙھڻ جو ڪو چانس نظر نٿو اچي پر ان باوجود ايس يو پي ھميشھ سنڌ جي معاملن تي اسٽينڊ آواز بلند ڪندي رھي آھي، جلسي کي سيڪريٽري جنرل مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ سردار عبدالرحيم خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ امن مان جي صورتحال خراب آهي عورتن ۽ معصوم ٻارن جو اغوا رواج بڻجي ويو آهي، پبلڪ سروس ڪميشن ۾ جعلي رزلٽ ڏنا پيا وڃن جيڪو مستقبل ۾ نوجوانن لاءِ زھر قاتل آهي، سنڌ سان محبت ڪندڙ جماعتن کي ھڪ پليٽ فارم تي آڻي عوام جي پ پ مان جان ڇڏائينداسين، جلسي کي ايس يو پي ۽ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻن روشن ٻرڙو، ڪاشف نظاماڻي، عبدالڪريم شيخ، سيد غضنفر علي شاهه، ارشد شر بلوچ، فقير غلام النبي مڱريو، گل پينھار ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.