چين ۽ پاڪستان وچ ۾ مالياتي کاتن جي مضبوط حمايت جي ضرورت آهي: چيني سفير

اسلام آباد (م ڊ) انڊسٽريل اينڊ ڪمرشل بئنڪ آف چائنا جي پاڪستان آر ايم بي ڪليئرنگ بئنڪ جي افتتاحي تقريب جناح  ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ڪئي وئي. ناڻي بابت نگران وفاقي وزير شمشاد اختر ۽ پاسڪتان ۾ چين جي سفير جيانگ زائي ڊونگ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته چين ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري شراڪتدار ۽ سيڙپڪاري جو سڀ کان وڏو ذريعو رهيو آهي ۽ پاڪستان واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ آر ايم بي جي استعمال کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. آر ايم بي ڪليئرنگ بزنس جي قيام سان پاڪستان ۽ چين ۾ آف شور آر ايم بي مارڪيٽون جوڙڻ ۾ مدد ملندي، جنهن سان ڪيترن ئي شعبن ۽ سرگرمين ۾ سرحد پار ڏيتي ليتي ۾ سهولت ملندي. پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائي ڊونگ  پنهنجي خطاب م ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ چئن موسمن جي اسٽريٽجڪ سهڪار لاءِ ٻنهي طرفن جي مالياتي کاتن کي مضبوط حمايت جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.