لاهور (عوامي آواز نيوز) جنرل (ر) قمر جاويد جي پٽ جو سهرو صابر حميد مٺو اصل ۾ لاهور جو ڪٻاڙي هو. جنهن دوران جنرل (ر) باجوه فوج ۾ برگيڊيئر هو ان دوران صابر مٺو ۽ جنرل (ر) باجوه جي دوستي ٿي جيڪا اڳتي هلي مائٽي ۾ تبديل ٿي وئي.
نامياري صحافي سيد عمران شفقت موجب ڏسندي ڏسندي صابر مٺو ارب پتي ٿي ويو ۽ جنرل (ر) باجوه آرمي چيف ٿي ويو، عمران خان ۽ جنرل(ر) باجوه ۾ صابر مٺو جي ڪري به اختلاف ٿيا هئا. ڇو ته فيصل آباد ۾ ڊي ايڇ اي صابر مٺو حوالي ڪيو پئي ويو، جيڪا ڳالهه ملڪ رياض کي پسند نه هئي. انهن جي ڪاروباري رقابت ٿي ته فطري طور جنرل (ر) باجوه پنهنجي مائٽ صابر مٺو جي طرفداري ڪري رهيو هو پر عمران خان جا مالي مفاد ڇاڪاڻ ته ملڪ رياض سان جڙيل هئا.
ان ڪري هو ملڪ رياض جي طرفداري ڪري رهيو هو. ساڳي طرح لاهور جي ” روڊا “ واري ٺيڪي ۾ به ملڪ رياض جون اکيون هيون ان ڪري ان جو ان پراجيڪٽ تي به صابر مٺو سان ٽڪراءُ ٿيو. اتي به عمران خان اڳ ئي عليم خان کي آئوٽ ڪري چڪو هو ۽ اهو پراجيڪٽ ملڪ رياض حوالي ڪرڻ لاءِ عمران خان صابر مٺو کي به آئوٽ ڪري ملڪ رياض کي آڻڻ چاهي پيو جنهن تي به جنرل (ر) باجوه ۽ عمران خان ۾ اختلاف چوٽ چڙهيا هئا. هاڻي به صابر مٺو کي نوازشريف جي غضب کان بچائڻ لاءِ ايف آءِ اي کان ڪلين چٽ ڏياري وئي آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 30 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي