مولانا طارق جميل جو پٽ گولي لڳڻ سبب فوت، آپگهات ڪيو آهي: پوليس

ملتان ( م ڊ ) مشهور عالم دين مولانا طارق جميل جو پٽ عاصم جميل گوليون لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. آر پي او ملتان سهيل چوڌري موجب مولانا طارق جميل جي پٽ عاصم جميل کي سيني تي گولي لڳيل آهي. آر پي او ملتان سهيل چوڌري جو چوڻ آهي ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شروع ڪري ڇڏي آهي، وڌيڪ تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي ڪيل پوسٽ ۾ مولانا طارق جميل چيو آهي ته منهنجو پٽ عاصم جميل تلمبه ۾ فوت ٿي ويو آهي، ان حادثي سبب ماحول سوڳوار ٿي ويو آهي. مولانا طارق جميل چيو ته منهنجي اوهان سڀني کي گذارش آهي ته هن ڏک جي گهڙي ۾ اسان کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکو. آر پي او سهيل چوڌري چيو آهي ته دين مولانا طارق جميل جي پٽ خودڪشي ڪئي آهي، ڊي پي او خودڪشي جي سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسي ورتي آهي. آر پي او ملتان موجب عاصم جميل نفسياتي مريض هو ۽ ڪيترن ئي سالن کان دوا وٺي رهيو هو، هن 30 بور جي پستول سان پاڻ کي گوليون هڻي خودڪشي ڪئي.

ڊيره مرادجمالي: غيرت جي نالي تي جوابدار هٿان ڀائٽي ۽ نوجوان قتل

ڊيره مراد جمالي (م ڊ) خان ڪوٽ جي علائقي ۾ چاچي غيرت جي نالي تي فائرنگ ڪري ڀائٽي سميت ٻن ڄڻن کي قتل ڪري  ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو. پوليس مطابق ٿاڻي خان ڪوٽ جي پوليس جي حد ڳوٺ سليمان عمراڻي ۾ ملزم ديدار علي مبينه غيرت جي الزام ۾ فائرنگ ڪري پنهنجي ڀائٽي وحيده بي بي ۽ ان جي مبينه چاهيندڙ صابر علي کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو آهي. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاشن کي تحويل ۾ ورتو اسپتال پهچايو، جتي ضروري ڪارروائي کان پوءِ لاشن وارثن حوالي ڪري وڌيڪ ڪارروائي شروع ڪئي وئي.

پاڪستان جي خلائي ٽيڪنالاجي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد ڏيندي: ڊاڪٽر عمر سيف

اسلام آباد (م ڊ) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر 7  سيف چيو آهي ته پاڪستان جي خلائي ٽيڪنالاجي موسمياتي تبديلي، وسيلن جي نگراني، ڊزاسٽرمينيجمينٽ، صحت ۽ تعليم جي خاتمي جي شعبن ۾ ڪيترن ئي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. آچر ڏينهن هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جو خلائي شعبو قومي معيشت کي سهارو ڏيڻ، سيڙپڪاري لاءِ ملڪ جي ڪشش وڌائڻ ۽ ان شعبي ۾ عالمي مهارتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجو نماين مقام پيدا ڪندو. وفاقي وزير پاڪستان جي صلاحيتن تي به اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ خلائي تحقيق ۾ نيئن بلندين تائين وڃڻ لاءِ قوم جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن واضح ڪيو ته سيٽلائيٽ ذريعي وقت سر ۽ ڀروسي جوڳي معلومات جي فراهمي سان بهتر فيصلن ۾ مدد پڻ ملندي. هن ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن تي روشني وڌي جنهن ۾ خلائي ٽيڪنالاجي منصوبن جي لاڳت کي بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي مضبوط ترقي ۽ عالمي سطح تي ڊجيٽل تبديلي قومن لاءِ موقعا ۽ چئلينجز ٻئي پيش ڪيا آهن، هن چيو ته ڊجيٽل تبديلي هڪ سٺو رجحان آهي جيڪو معاشي بحالي ۾ ڪردار ادا ڪندي ڊجيٽل اسپيس ۾ نئين معمول کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.