جيڪڏهن ملڪي سياست جي ماضَي جي تاريخ جو جائزو وٺجي ته ورهاڱي جي نتيجي ۾ فوجي ۽ سول بيوروڪريسي ٻئي متاثر ٿيا. پاڪستان پنهنجي شروعاتي سياسي ۽ معاشي بحرانن ذريعي ڪيترن ئي سياستدانن جي ذريعي گول چڪر لڳايو پر سياستدان بدعنوان هئا ۽ رهيا جيڪي پنهنجي سياسي اقتدار کي قائم رکڻ ۽ اشرافيه جي مفادن جي تحفظ ۾ دلچسپي رکندا هئا انهن جي روش ۾ اڄ به ڪا تبديلي ناهي آئي، اهو ئي سبب رهيو آهي اسٽيبلشمينٽ طرفان شروع واري ڏهاڪن کان ئي جمهوري رياست تي گهڻي اميد نه رکي هئي، جيڪا سڀني پاڪستاني شهرين کي سماجي ۽ اقتصادي انصاف فراهم ڪري ها ان ڪري جمهوري حڪومت ۾ تما گهڻا تجربا ڪيا ويا پر وڏن کي اهو به مٺو نه لڳو ۽ انهن وزارتون تڪڙيون تڪڙيون ٺاهي وري آڪٽوبر 1958ع ۾ جنرل محمد ايوب خان وڏي آسانيءَ سان فوجي بغاوت ڪئي1958ع ۽ 1971ع جي وچ ۾ صدر ايوب خان، خودمختيار حڪمرانيءَ ذريعي، غير مستحڪم وزارتي اتحادين جي تڪليف کان سواءِ حڪومت کي مرڪزيت ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جيڪي آزاديءَ کان پوءِ پنهنجي پهرين ڏهاڪي جي خاصيت هئي ايوب خان هڪ وڏي پنجابي فوج ۽ سول بيوروڪريسي جو اتحاد گڏ ڪري بااثر صنعتي طبقي سان گڏ زميندار اشرافيه جي طبقن کي گڏ ڪيو ۽ بنيادي جمهوري نظام انفرادي شهرين کي جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ جو اختيار نه ڏنوپر انهن محدود ووٽرن کان رشوت وٺڻ ۽ ووٽ خريد ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو جن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ ڪافي امتياز حاصل هو جنرل ايوب پنهنجي خواهش تحت ڀٽو صاحب کي سياست ۾ آندو ۽ ملڪ ۾ جمهوريت قائم ٿي چون ٿا ته اسٽيبلشمينٽ جي آشرواد سان ذوالفقار علي ڀٽو بنگال سياست کي نظرانداز ڪيو ۽ بنگال هڪ الڳ ديش طور تي اسان کان الڳ ٿيو
. آگسٽ 2023 تي انڪشاف ڪيو ويو ته آمريڪي حڪومت ڳجهي طور خان جي برطرفي جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ ڳجهن ادارن کي نياپو ڏنو ويو ته جيڪڏهن خان کي نه هٽايو ويو ته مضبوط لاڳاپن جو واعدو ملتوي ڪيو ويندو يعني آءِ ايم ايف فنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويندو، جنهن بعد عمران خان پنهنجي برطرفي کان پوءِ فوري طور تي ملڪ ۾ عام چونڊن جو مطالبو ڪيو، جڏهن خان جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ پنهنجي ٻن صوبائي اسيمبلين کي ٽوڙي ڇڏيو (پنجاب ۽ ڪي پي)۾، جنهن سبب ملڪ جي 60سيڪڙو علائقن۾ چونڊون ڪرائڻيو هيون پر اهي به طاقتور ڌر جي ناراضگي سبب رولڙي جو شڪار ٿي ويون ۽ آئين کي نقصان پهتو،جنهن بعد خان جي ڪالن کي عام عوام طرفان وسيع طور تي مثبت جواب مليو، هڪ گيلپ سروي سان عمران خان کي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول موجوده سياسي ليڊر قرار ڏنو ويو، 61 سيڪڙو پاڪستانين سندس باري ۾ مثبت راءِ رکي ٿي، جڏهن ته 36 سيڪڙو مسلم ليگ (ن) جي لاءِنواز شريف ۽ اڳوڻو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مثبت راءِ ڏني پر اهو ريشو هن وقت ڳجهن ڏرن ۾ لڪي ويو آهي جڏهن عام اليڪشن جو اعلان ٿيندو ته شايد اهي لڪيل راءِ ميدان تي اچي ۽ پنهنجي پسند جي اڳواڻ کي ووٽ ڏيندي ڇو ته هن وقت عوام جي سوچ ۽ انهن جي ارادن جو قتل عام ٿي رهيو آهي
اڳوڻي وزير اعظم عمران خان کي پوليس 9 مئي 2023 تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان گرفتار ڪيو گرفتاري کانپوءِ سندس حماتين پاران ملڪ گير احتجاج ڪيو ويو پي ٽي آءِ جي حماتين مبينا طور تي هن گرفتاري خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ تشدد ۾ ملوث نڪتا ملڪ ۾ ٽوئيٽر، فيس بڪ ۽ ٻين سميت سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي بلاڪ ڪيو ويوپر بعد ۾ سپريم ڪورٽ طرفان ٻن ڏينهن بعد کين آزاد ڪيو ويو.5 آگسٽ 2023 تي عمران خان کي رياستي تحفا وڪڻڻ جي الزام ۾ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ۽ ٽرائل ڪورٽ جي جج کيس 3 سال قيد ۽ 5 سالن جي نااهلي جي سزا ٻڌائي. 29 آگسٽ 2023 تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي سزا معطل ڪري ڇڏي پر هن وقت به خان مختلف ڪيسن ۾ جيل ۾ قيد آهي هڪ طرف عدالتن مان انصاف ملي ٿو ته ٻئي طرفن نوان ڪيس سامهون اچي ٿا وڃن ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ ڪيسن سبب گذريل ڪيترن ئي مهينن کان قيد آهي ۽ سندس جماعت جي اڳواڻن سان اهڙي ته جهٽ ٿي رهي آهي جو گذريل تاريخ ۾ ڪنهن مخالف سان نه ٿي هجي ڏٺو وڃي ته قيدي نمبر 804 جي اڄ به ملڪ ۾ مقبوليت وڌندي پئي وڃي سوشل ميڊيا پنهنجي آزادي جو فائدو وٺندي ملڪ ۾ سياسي راند کي وائکو ڪيو آهي هر فرد کي سياست ۽ سياستدانن جي باري ۾ معلومات حاصل ٿي چڪي آهي سياست ۾ ڪنهن جو ڪيترو قد آهي ان ۾ ڪير ملوث يا مددگار طور تي ڪم ڪري پيو اها لڪيل راند به اڄ نامعلوم ناهي رهي
نواز شريف جي ڀاءُ شهباز شريف جي گڏيل حڪومت به 16 مهينن بعد ختم ٿي وئي جنهن ۾ لڳ ڀڳ 16 جماعتون شامل هيون جن ۾ هن وهندڙ گنگا ۾ پيپلزپارٽي کي وڏو حصو مليو ۽ بلاول ڀٽو زرداري 16 مهينن ۾ ملڪ جي مسئلن تي ڌيان ڏنو. بهرحال پيپلزپارٽي جا هن وقت اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا بهتر ناهن ان جو سبب آصف علي زرداري پاران پنهنجي پٽ بلاول ڀٽو زرداري کي وزير اعظم بڻائڻ واري ضد آهي ٻيو زرداري صاحب اسٽيبلشمينٽ کي پريشر ڏيڻ لاءِ جيڪي ڳجهه ڳوهه ۾ پي ٽي آئي سان اتحاد لاءِ ملاقاتون ڪيون ان ملاقاتن ويتر اسٽيبلشمينٽ کي چيڙائي ڇڏيو آهي ان سبب ڪري چون ٿا ته پيپلزپارٽي لاءِ سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ به مشڪل ٿيندو پيو وڃي اسٽيبلشمينٽ جي اشارن تي مولانا فضل الرحمان کي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جو ٽاسڪ ڏيڻ جو اشارو ۽ ايم ڪيو ايم ، جي ڊي اي سميت ننڍن سياسي جماعتن ۽ قوم پرستن ڌڙن کي گڏ ڪري سنڌ ۾ گڏيل حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش تيز آهي اتي پ پ جو بيانو به اسٽيبلشمينٽ مخالف لڳي رهيو آهي ته ڪٿي پيپلزپارٽي جي جهونن سياستدانن جو پنهنجي قيادت کي اسٽيبلشمينٽ سان هٿ ملائڻ لاءِ زور ڀري رهيا آهن
ملڪ ۾ هلندڙ سياسي بحران ۽ مشڪل حالاتن ۾ اسٽيبشمينٽ جي چال ماضي جي تاريخ کي تازو ڪري ڇڏيو آهي هڪ طرف شهباز شريف جي 16 مهينن جي حڪومتي ڪارڪردگي ٻئي طرف نواز شريف کي لنڊن مان گهرائڻ ۽ ان جي تمام ڏوهن کي کير سان ڌوئڻ واري صورتحال عوام کي تمام گهڻو بي چين ڪري ڇڏيو آهي ملڪ جون واڳون ظاهري طور تي نگران حڪومت جي شڪل ۾ نظر اچن ٿيون پر لڳي ائين ٿو ڄڻ ملڪ جون واڳون انهن نگرانن وٽ نه پر سئو سيڪڙو اسٽيبلشينٽ وٽ آهن اسٽيبلشمينٽ يعني آرمي جي هٿن ۾ آهي ڏٺو ويو آهي ته ملڪ جي معاشي صورتحال کي ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ڪرڻ جي پٺيان به اسٽيبلشمينٽ آهي. اسٽيبلشمينٽ جي اهڙي ڪوشش سان ملڪ جو 70 سيڪڙو عوام تمام گهڻو خوش آهي پر اتي هڪ سوال اهو ٿو اڀري ته هڪ اندازي مطابق لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو عوام نواز شريف کي ملڪ آڻڻ ۽حڪومت قائم ڪرڻ وارن اشارن تي مايوسي سان گڏ ڪاوڙ ۾ آهي عوام چاهي ٿو ته ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرايو وڃن ان کان اڳ سموري سياسي جماعتن کي آزاد ڪري انهن کي سياست ڪرڻ ڏني وڃي ۽ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائي اڪثريت ۾ ايندڙ جماعت کي حڪومت ڏني وڃي ان سان ئي ملڪ جي ڀلائي هوندي ٻئي پاسي عوام اسٽيبلشمينٽ ۽ ن ليگ جي ڳٺ جوڙ کي رد ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏهن نواز شريف کي اهڙي طرح ملڪ تي مسلط ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ ملڪ ۾ هڪ بي چيني واري صورتحال قائم ٿيندي.