بابر کي عظيم چوندڙن شايد عظيم ڪرڪيٽر ڏٺا ئي ناهن: محمد حفيظ

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ چيو آهي ته بابر اعظم هن وقت پاڪستان جي سڀني رانديگرن جي ڀيٽ ۾ سٺو آهي پر ان جو شمار پاڪستان جي عظيم رانديگرن کي نٿو ڪري سگهجي.
هڪ پروگرام ۾ بابر اعظم جي ڪپتاني تي ڳالهائيندي محمد حفيظ چيو ته بابر جي ڪپتاني ۾ گذريل ٽن سالن دوران اها ميچورٽي ۽ گروٿ نظر ناهي آئي، جيڪا اچڻ گهرجي ها، هاڻ فيصلو بابر اعظم ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيشلز کي ڪرڻو آهي ته ڪپتاني جو پريشر ختم ڪري ان جي ٽئلينٽ کي اجاڳر ڪرڻو آهي يا وري بابر ائين ئي پريشر اندر رهندي پنهنجو ٽئلينٽ اجاڳر ڪري سگهي ٿو.
هن چيو ته بابر اعظم هڪ سٺو ڪرڪيٽر آهي پر بدقسمتي سان ان مان جيڪي اميدون لڳايون پيون وڃن ۽ ٻين رانديگرن سان ڀيٽيو پيو وڃي اهو درست ناهي، بابر هن وقت سڀني رانديگرن کان سٺو آهي پر ان جي ڀيٽ عظيم رانديگرن سان نٿي ڪري سگهجي، جيڪي بابر کي عظيم رانديگر چون ٿا، انهن اڃا تائين پاڪستان يا دنيا جا عظيم رانديگر ڏٺا ئي ناهن.
سندس چوڻ هو ته بابر سٺو رانديگر آهي پر اڃا تائين عظيم رانديگر ناهي ٿيو، کيس ڪيريئر ۾ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي پر اسان کيس اڳ ئي عظيم بڻائي ڇڏيو، اها بابر جي ٽئلينٽ سان زيادتي هوندي.
محمد حفيظ چيو منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن بابر کي ڪپتاني جو دٻاءُ تنگ ڪري رهيو آهي ته کيس پاڻ ايمانداري سان فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو ان پريشر سان ئي پنهنجي گيم جاري رکڻ چاهي ٿو يا وري پاڪستان لاءِ پنهنجي پنهنجي پرفارمنس ڏئي عظيم رانديگرن ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.